آدمشماري ڪرائڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مڪمل عمل ڪرايو ويندو: ڄام مهتاب ڏهر

ڪراچي(م د)  تعليم ۽ خواندگي واري صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو آهي ته آئي بي اي جي تحت هيڊ ماسٽرز ٸ هيڊ مسٽريز جا امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن جي حتمي فهرست وزيراعليٰ سنڌ کي منظوري لاءِ موڪلي وئي آهي ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي منظوري کان فوري بعد انهن جي مقرر ڪئي ويندي. اها ڳالهه اڄ هن پنهنجي آفيس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري تعليم اسڪولز جمال مصطفيٰ سيد ۽ ٻين آفيسرن به شرڪت ڪئي. هن چيو ته سموري معاملي ۾ شفافيت کي برقرار رکڻ لاءِ ڪجهه دير ٿي آهي، جڏهن ته اهل اميدوارن کي سندن حق ڏنو پيو وڃي ۽ ڪنهن جي به حق تلفي نه ڪئي وئي آهي. صوبائي وزير چيو ته هيڊ ماسٽرز ٸ هيڊ مسٽريز جي مقرري جي حوالي سان ابهام پيدا ڪندڙ بي بنياد خبرون پکيڙي رهيا هئا جن ۾ ڪابه صداقت نه آهي. صوبائي وزير آدمشماري ۾ استادن جون ڊيوٽيون لڳائڻ ۽ سيڪنڊري ۽ هايئر سيڪنڊري اسڪولن جي امتحانن جي باري ۾ چيو ته ان اهم معاملي بابت ۸ فيبروري تي تعليم کاتي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته آدمشماري ڪرائڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مڪمل عمل ڪرايو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو ته استادن جي يونين ڪونسلز جي بنياد تي مقرري کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ڏورانهن علائقن ۾ بند اسڪولن کي کولرائي سگهجي ۽ انهن علائقن ۾ ٻارن خاص ڪري ٻارڙين جي تعليمي سرگرمين کي مڪمل طريقي سان بحال ڪري سگهجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *