جرڳائي سسٽم، عوام کي غلام بنائڻ برابر آهي….

February 7, 2017 at 12:07 am

گل مورو:

انگريز سامراج جڏهن پوري برصغير تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ان سڀ کان پهريان پوري برصغير جي پنڊتن، ڀوتارن، پيرن، ميرن، رئيسن، خانن، وڏيرن ۽ خانقائن جي غلامانه ذهنيت رکندڙ فردن کي چونڊي چونڊي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ خان صاحب، رئيس ۽ سردارن جا کين لقب ڏئي عوام مٿان ان ڪري مقرر نظرداري لاءِ ان ڪري رکيو ويو هو ته جيئن سندن قبضاگيريت هميشهه لاءِ برقرار رهي سگهي ۽ انهن جي وسيلي ڌرتي ڌڻين جي معدني وسيلن جي ڦرلٽ آساني سان ٿيندي رهي ۽ سندن ئي کيسي ۾ ايندي رهي. ڏٺو وڃي ته 47ع کان اڳ جيڪي به وطن فروش ماڻهو هيا جن پنهنجي ڌرتي جا وسيلا تهذيب، تمدن ۽ ٻولي سان غداري ڪري لقب ماڻيا اهي ئي اڳتي هلي پاڪستان جوڙڻ کان پوءِ هر حڪمراني دور ۾ حاڪميت واري ڏور ۾ هلندا رهيا جن جي اها ساڳي سوچ جيڪا انگريز سامراج ماڻهن کي غلام بڻائي ڏنڊي جي زور تي حڪمراني ڪرڻ پئي چاهي ۽ انهيءَ لاءِ جيڪو جرڳا سسٽم جوڙيو ويو هو وري هڪ ڀيرو ٻيهر هن جديد دور ۾ جڏهن سڄي دنيا اندر جاگيرداري ۽ سرمائيداري واري نظام خلاف دنيا جا سمورا پورهيت ۽ 90 سيڪڙو ماڻهو مزاحمت ڪندا هجن ۽ ڪيترن ئي جديد ملڪن ۾ اهو ناڪارهه سسٽم هاڻ پنهنجو ويساهه وڃائي چڪو آهي ۽ جن به ملڪن ۾ هن وقت سرمائيداري ۽ جاگيرداري سسٽم جي اجاره داري ناهي اهي ملڪ ترقي يافته ملڪ ئي ليکيا وڃن ٿا ڇو ته علم، ادب، تعليم ۽ تاريخ جي حوالي سان انهن ملڪن پنهنجي ماڻهن جي سهولتن لاءِ نيون نيون رٿون جوڙي سک ۽ شانتي جو کين درس ڏنو اهو ئي سبب آهي جو سمورو يورپ هن وقت ڀلي احتجاج ڪندو هجي پر عام واهپي واري زندگي ۾ برصغير جي خصوصن پاڪستان جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو اڳتي نڪتل آهن جو اتي اڄ به صحت، تعليم، صاف پاڻي، معاشي روزگار جا وسيلا ايترا آهن جو سک ۽ شانتي سان پنهنجي زندگي بصر ڪري رهيا آهن نه انتهاپسندي جو ڀوت آهي نه وري کين اهو ڊپ آهي ته ڪو جرڳائي سسٽم ڀوتار جوڙي پنهنجا بي رحماڻا فيصلا اسان مٿان لاڳو ڪري اسان کي غلام بنائڻ جي ڪوشش ڪندو پر پاڪستان اندر تازو قومي اسيمبلي جيڪا ملڪ جي پارليامينٽ جمهوري سوچ جي عڪاسي ڪندڙ ليکي وڃي ٿي انهيءَ اسيمبلي ۾ ڏٺو وڃي ته 100 سيڪڙو نمائندهه يا ته جاگيرداراڻي يا وري سرمائيداراڻي ۽ انتهاپسندي واري لڏي سان تعلق رکن ٿا جن جي اڃا تائين اها ئي سوچ آهي ته ڪهڙي به طريقي سان ملڪ جو گگدام عوام سندن ڏنڊي هيٺان هجي ۽ سندن آمراڻه فيصلا مٿن مڙهيل هجن. انهيءَ قومي اسيمبلي ۾ هن ترقيءَ جي صفر ۾ جتي 99 تي پهچڻ وارو پنڌ ته اسان لاءِ پري آهي پر نئين سر سفر شروع ڪرڻ کان نابري واري وري هڪ ڀيرو ٻيهر قومي اسيمبلي پاران جرڳن ۽ پنچائتي نظام کي ڪجهه ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي ۾ انهن ئي جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ انتهاپسند ڌرين پاس ڪري عوام مٿان غلاماڻه دور وارو عڪس سندن ڳچي ۾ وڌو ويو آهي جنهن کي تڪرارن جي حل جو متبادل ٺهراءَ جي نالي سان قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد انهيءَ بل کي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو. وڏي ڳالهه ته هن جرڳائي سسٽم واري بل کي 342 قومي اسيمبلي جي ميمبرن واري ايوان مان صرف 23 ڀوتارن يعني سرحد جي خانن، سنڌ جي ڀوتارن، پنجاب جي چوڌرين ۽ بلوچستان جي سردارن منظور ڪيو آهي جن ۾ سرڪاري بئنچن تي ويٺل 17 ۽ مخالف ڌر جي بئنچن تي ويٺل 6 ميمبر به شامل هيا اهڙو بل جيڪو سوين سالن جي پراڻي جرڳائي ۽ پنچائتي نظام کي قانوني پناهه ۽ جئدان ڏيڻ لاءِ عدالت جي متبادل جو نالو ڏئي آندو ويو آهي ان تي ايوان ۾ بحث به نه ڪرايو ويو ۽ تڙ تڪڙ ۾ بل منظور ٿي ويو. شروعاتي طور تي بل ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پهريان عمل ڪيو ويندو ان کان پوءِ آهستي آهستي صوبن ۾ عمل ڪرايو ويندو ۽ اهو صوبن جي رضامندي سان مشروط ڪيو ويو آهي جيڪڏهن ڪا صوبائي اسيمبلي بل بابت سفارشون موڪليندي ته انهن تي غور ڪيو ويندو ۽ انهن سفارشن کي اڪلائڻ کان پوءِ ئي ان صوبي ۾ هي بل لاڳو ٿيندو. سو ڏٺو وڃي ته چند ميمبرن تي مشتمل هي جرڳائي بل پاس ٿيل تي هن وقت تائين ڪنهن به صوبائي اسيمبلي نه اعتراض واريو آهي نه وري ڪنهن به جاگيردار ۽ ڀوتار توڙي سردار ۽ انتهاپسند ڌرين جي اڳواڻ ڪو اعتراض واريو آهي ان مان ثابت ٿئي ٿو ته جرڳائي سسٽم جا پيداوار هي سمورا ماڻهو ان ڳالهه ۾ راضي آهن ته سندن جرڳائي سسٽم ذريعي عوام جي مٿان دٻدٻو هلندو رهي عوام ڀلي غلاماڻه زندگي گذاريندو رهي هن بل اچڻ کان پوءِ عدليه لاءِ به سواليه نشان آهي ته جڏهن ملڪ اندر انصاف مهيا ڪرڻ لاءِ عدالتون موجود آهن ته پوءِ جرڳائي سسٽم کي قانوني شڪل ڏئي عوام مٿان مڙهڻ اهو آمراڻو عمل ناهي ته ٻيو ڇاهي. ڇو ته هن جرڳائي نظام هٿان هن پوري خطي جا ماڻهو خاص طور تي ڪمزور طبقا ۽ پورهيت ڀوڳيندا اچن پيا انهن ڪمزور طبقن کي ڏاڍن هٿان پيڙهائڻ جو جديد دور ۾ ايوان ۾ ويٺلن جيڪو بندوبست ڪيو آهي ان وسيلي اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته جرڳن جي فيصلن جا مثال کوڙ سارا اڄ به تاريخ جي ورڪن ۾ موجود آهن جو مختاران مائي جهڙا جڳ ۾ ڪنڌ نه کڻڻ جهڙا مثال اڄ به موجود آهن ۽ جرڳائي سسٽم وسيلي لکين ماڻهو اڄ به قانون کان مٿانهان ٿي ڪري پورهيتن مٿان اهڙا ته فيصلا لاڳو ڪندا رهيا آهن جو ڪيترن ئي سنڌ جي علائقن ۾ اڄ به قبيلائي جهيڙا يا ڌاڙيل ڪلچر جيڪو هلندو پيو اچي جن جي وسيلي هزارين انساني حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن انهن پٺيان به هنن ئي جرڳائي ڀوتارن جو هٿ رهيو آهي نه رڳي اهو پر پنجاب اندر ماڻهن کي جيئري ساڙڻ ۽ چوڌرين هٿان عورتن توڙي پورهيتن کي ڪتن اڳيان اڇلائڻ ۽ پورهيتن کي سرن جي بٺن ۾ اڇلائي ساڙڻ وارا واقعا به جرڳائي سسٽم جو ئي نتيجو آهن.اهڙا واقعا پختون خواهه توڙي بلوچستان ۾ به خانن ۽ سردارن هٿان هميشهه ٿيندا رهيا آهن جن ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. اڄ وري هڪ ڀيرو ٻيهر يعني پاڪستان جڙئي کان پوءِ 70 سالن کان پوءِ هن جرڳائي سسٽم کي لاڳو ڪرڻ مان اهو واضح پيغام عوام کي ڏنو ويو آهي ته اصل حڪمراني انهن ئي جاگيردارن، ڀوتارن، سرمائيدارن، چوڌرين ۽ خانن جي آهي جيڪي پنهنجي مرضي منشا موجب عوام کي انگريزن جي جڙيل ڪاري قانون جيان هلائڻ پيا چاهين. اهو صرف ان ڪري ته سندن اڳيان ڪو مسڪين ماڻهو اک نه نهاري سگهي ۽ زبان کولي نه ڳالهائي سگهي ڇو ته سنڌي ۾ ڪهاوت مشهور آهي ته ”جهان خان وارو فيصلو“ سو هن وقت هن پيچائتن ۽ جرڳاين جي جهان کي جيئاريندڙن جو چوڻ آهي ته ملڪي عدالتن ۾ 14 لک کان وڌيڪ ڪيس موجود آهن انهن جي نبيري لاءِ هن بل آڻڻ جي سخت ضرورت هئي. اصل ۾ هن بل تي عمل ٿيڻ  ۽ اهو لاڳو ڪرڻ مان اهو واضح نظر اچي ٿو ته رياستي هٿ ڪمزور بڻجي چڪا آهن يا وري عدليه جا هٿ ڪمزور ڪرڻ لاءِ اهو سمورو منصوبو جوڙيو ويو آهي ڇو ته هن جرڳائي سسٽم ذريعي جيڪو ڪڌو عمل ڪيو ويو آهي.

ان مان خطرو ان ڳالهه جو آهي ته اڳتي هلي اڃا به وڌيڪ عوام کي غلام رکڻ لاءِ غلامي جون زنجيرون جوڙيون وينديون ته جيئن عوام پنهنجن وسيلن، پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي تهذيب ۽ پنهنجي وجود جي جيڪا ڳالهه ڪري ٿو اها ڳالهه نه ڪري سگهي. هنن ئي جرڳن وسيلي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهي جهيڙا، ڪارنهن جي الزامن، زمين جي معاملن، مڇي جي تلائن ۽ ڀوتارن جي چرچ تي هلندڙ جهيڙن جي ذريعي جن ۾ پوليس ڪمداري وارو ڪردار نڀائيندي رهي آهي ان جو ننڍڙو مثال ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ سالن کان سبزوئي ۽ ساوند برادري ۾ هلندڙ جهيڙي سبب 150 سئو کان وڌيڪ انساني زندگيون ضايع ٿي چڪيون آهن جڏهن ته پ پ هميشهه اهو باور ڪرائيندي رهي آهي ته اها جمهوريت ۾ يقين رکي ٿي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي پارٽي ناهي ۽ عوام جي پارٽي آهي ته پوءِ هن قبيلائي راڄ کي تسليم ڪرڻ ۽ ان تي اکيون ٻوٽي وات بند رکي خاموشي جو روزو رکڻ پڻ سواليه نشان آهي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ اهي قبيلائي جهيڙا جيڪي ٿيندا رهيا آهن جيڪي خوني شڪل اختيار ڪري چڪا آهن تن جي معاملي ۾ ڪنهن مفاهمت ۽ راڄوڻي مان ڪم وٺڻ جي ضرورت ناهي ڇو ته ملڪ اندر عدالتون انصاف ڏيڻ جون ذميوار آهن ته پوءِ جرڳائي سسٽم کي لاڳو ڪري عوام جي زخمن تي لوڻ ڇو ٻرڪيو پيو وڃي. ڇو ته جيڪو ماڻهو ڪنهن کي زخمي ڪرڻ جو ڏوهاري آهي ته ان کي ان ڏوهه جي سزا به ڪنهن ڀوتار هٿان نه پر عدالت پاران ملڻ گهرجي جيڪڏهن قاتلن، وحشين، جنونين ۽ انسانيت جي دشمنن کي هن جرڳائي سسٽم جي بهاني سان ڇوٽ ۽ آزادي ڏيڻ وارو قدم کنيو ٿو وڃي ته پوءِ ان مان اهو ئي ثابت ٿيندو ته اهي ماڻهو جن هميشهه جرڳائي سسٽم ذريعي ماڻهن جون زندگيون تباهه ۽ برباد بڻائي ڇڏيون آهن غريبن ۽ مسڪينن جا گهر جهڻ ڪري ڇڏيا آهن تعليم صحت جي تباهي ۽ بربادي بڻائي ڇڏي آهي اسڪولن ۾ ڀوتارن جي ڪتن ۽ گڏهن جا وٿاڻ جڙيل آهن انهن ڀوتارن کي اهو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ ته هاڻي هن جرڳائي سسٽم ذريعي اوهان ئي مرض جو علاج ڳولي سگهو ٿا سو اهو ناداني وارو عمل آهي هن انگريز سامراج واري جرڳائي سسٽم کي لاڳو ڪري اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته پاڪستان اندر اڄ به حڪمراني آمريت توڙي جمهوريت واري دور ۾ قبيلائي ڀوتارن جي آهي ۽ پورهيتن جي نه؟؟؟…

**

اي پيپر