ٽرمپ جي سخت فيصلن سان خطري ۾ پوندڙ آمريڪي وجود!

February 7, 2017 at 12:05 am

ٻي مهاڀاري جنگ سان تباهي پکڙجڻ ۽ لکين انساني جانيون ضايع ٿيڻ بعد عالمي برادري اهو طئي ڪيو هو ته آئنده اهڙيون حالتون پيدا ٿيڻ نه ڏنيون وينديون، جنهن ۾ ڪروڙين انسانن جو خاتمو ٿي وڃي ۽ دنيا تي دهشت ۽ وحشت راڄ ڪرڻ لڳي، ان ڪري گڏيل قومن جو ادارو جوڙي اهو به فيصلو ڪيو ويو هو ته سڄي عالمي برادي گڏجي انسانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪندي، جيتوڻيڪ نائين اليون بعد وچ اوڀر سميت ٻين خطن جي ملڪن ۾ وڏي پئماني تي ڇڪتاڻ پيدا ٿي، دهشتگردي جي خاتمي جو جواز ڄاڻائي نوان اتحاد جُڙيا، نيٽو جهڙا گڏيل فوجي جٿا جوڙيا ويا، پر عالمي برادري جي ڪوششن سان ٽين مهاڀاري جنگ لڳڻ نه ڏني وئي، پر جڏهن کان ٽرمپ آمريڪي صدارتي اقتدار سنڀاليو آهي ۽ جيڪي تڪڙا ۽ سخت فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا، تن مان يقينن عالمي سطح تي جوڙيل اتحاد توڙي آمريڪا جو وجود به خطري ۾ پئجي چڪو آهي، ڪيترن ئي مسلم ملڪن جي رهاڪن کي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو. جڏهن ته آمريڪي رياست واشنگٽن جي عدالت ٽرمپ انتظاميا جي انهيءَ حڪمنامي کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته عدالت جو اهو فيصلو سڄي آمريڪا تي لاڳو ٿيندو، جڏهن ته ٽرمپ انتظاميا ان حڪم کي زيادتي قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته صدر ٽرمپ جو حڪم قانوني ۽ مناسب آهي، ان صورتحال مان اهو واضح ٿي رهيو آهي ته سپر پاور ملڪ ۾ ٽرمپ انتظاميا ۽ آمريڪي عدالت ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿي رهيو آهي، نه صرف اهو پر صدر ٽرمپ جي خلاف سڄي دنيا ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي ۽ هن جي خلاف هر مذهب سان تعلق رکندڙ ماڻهو مسلمانن سان يڪجهتي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن.

هڪ طرف ٽرمپ جا فيصلا آمريڪا لاءِ عدم استحڪام جو ڪارڻ بڻجي رهيا آهن ته ٻئي پاسي ايران جي ائٽمي پروگرام کي رد ڪرڻ جي چٽن امڪانن بعد تهران جو عالمي برادري سان ڪيل معاهدو به ڄڻ ته غيرفعال ٿي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته ٽرمپ جي ايران مخالف پاليسي ظاهر ٿيڻ تي تهران به ردعمل ۾ ميزائيل تجربا شروع ڪري ڇڏيا آهن، ڇڪتاڻ جو وڏو ڪارڻ اهو به آهي ته تازو آمريڪي وزير دفاع ايران کي دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ قرار ڏئي پيو. ڏٺو وڃي ته صدر ٽرمپ ايران کي جيڪي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، اها سمجهڻ واري ڳالهه آهي ۽ اسرائيلي لابي جي اها ڀرپور ڪوشش آهي ته ايران جي عالمي برادري سان ڪيل معاهدي کي رد ڪرايو وڃي، پر اڳوڻي آمريڪي صدر باراڪ اوباما ويندي ويندي اقتدار سنڀاليندڙ صدر ٽرمپ کي خبردار ڪيو هو ته ايران سان وڏي محنت سان ائٽمي پروگرام تي معاهدو ڪيو ويو هو، جنهن کي جي ختم ڪيو ويو ته ان جا ڳرا نتيجا نڪري سگهن ٿا. بهرحال، ايران تي لڳايل اقتصادي پابنديون اڃا پوري طرح ختم ئي نه ٿيون هيون ته مٿس نيون پابنديون لڳايون ويون آهن، گڏوگڏ ايران تي به اهي ئي الزام لڳايا ويا آهن، جيڪي اڳوڻي صدر بش عراق تي لڳائي جنگ جو جواز بڻايو هو ۽ نتيجي ۾ صدام حسين جي حڪومت جو خاتمو آندو ويندو، پر ان جي باوجود آمريڪا کي عراق مان ڪٿان به تباهي پکيڙيندڙ هٿيار نه مليا ۽ ڪيئي عالمي اڳواڻن کي اها جنگ مڙهڻ تي پڇتائڻو پيو.

تعجب آهي ته مستبقل جي نتيجي جو اندازو هجڻ جي باوجود صدر ٽرمپ اهڙيون نيون پاليسيون آڻڻ تي بضد آهي، جن سان سندس ڪٽرپڻي کي هٿي ملندي، سندس اهڙن قد من سان دنيا هڪ نئين جنگ طرف ڌڪجي ويندي، نتيجي ۾ آمريڪا کان سپر پاور وارو اعزاز به کسجي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته صدر ٽرمپ اهڙيون پاليسيون اختيار ڪري رهيو آهي، جيڪي 7 ڏهاڪا اڳ عالمي امن، انسانن جي تحفظ، انهن جي حقن ۽ جاگرافيائي سرحدن لاءِ ڪيل ڪوششن کي نقصان پهچائيندڙ ثابت ٿي سگهن ٿيون، موجوده حالتن ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صدر ٽرمپ پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪري ۽ اهڙا قدم کڻي، جن سان عالمي برادري پاران امن جي قيام لاءِ ورتل ڪوششون برقرار رهي سگهن، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته ٽرمپ جا فيصلا نه رڳو آمريڪا پر وچ اوڀر ۽ ايشيا سميت ٻين خطن ۾ عدم استحڪام ۽ دهشتگردي کي هٿي ڏيندڙ ثابت ٿيندا.

اي پيپر