ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اي سي ايل مان نالو خارج ڪرڻ تي ايان علي جي توهين عدالت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ ٻه رڪني بئنچ جوڙي ويئي آهي جيڪا 8 فيبروري تي ٻڌڻي ڪندي تفصيل مطابق سنڌ هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪمن باوجود اي سي ايل مان نالو خارج نه ڪرڻ تي ماڊل گرل ايان علي جي توهين عدالت جي درخواست ٻڌني لاءِ ٻه رڪني بئنچ جوڙي ڇڏي جسٽس فاروق احمد شاهه جي سربراهي ۾ بئنچ 8 فيبروري تي ٻڌني ڪندي ايان علي توهين عدالت جي درخوست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي 10 ڏينهن اندر منهنجو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر 13 ڏينهن گذرڻ باوجود منهنجو نالو اي سي ايل مان خارج نه ڪيو ويو سپريم ڪورٽ به وفاقي حڪومت جي اپيل خارج ڪئي آهي. ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ منهنجو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ لاءِ فيصلي کي برقرار رکيو آهي.