ڀارت سنڌ طاس معاهدي تي ذميواري جو مظاهرو ڪري: سرتاج عزيز

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز جو چوڻ آهي ته پاڻي جي ورهاست واري معاهدي سنڌ طاس تي ۱۹٦۰ع کان هيئنر تائين عمل ٿيندو رهيو آهي پر هاڻي ڀارت غيرذميواري جو مظاهرو پيو ڪري. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيميبلي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز لکت ۾ جواب ڏيندي چيو ته پاڪستان عالمي برادري ۾ هڪ ذميوار ملڪ جو ڪردار ادا ڪيو آهي. اسان تباهي ڦهلائيندڙ هٿيارن جي ڦهلائڻ واري عمل کي روڪرائڻ ۾ بين الاقوامي ڪوششن ۾ پڻ ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به جوهري ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال تائين آواز اٿارينداسين رهنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان اين ايس جي مي شموليت لاءِ ۲۰۱٦ع ۾ درخواست ڏني. سرتاج عزيز وڌيڪ چيو ته سنڌ طاس معاهدو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پاڻي جي تقسيم جو معاهدو آهي، جنهن تي ۱۹٦۰ع کان وٺي هيئنر تائين عمل ڪيو ويو پر ڀارت سنڌ طاس معاهدي تي پنهنجي ذميواري پوري نه پيو ڪري. پاڪستان ۽ ڀارت ۾ مختلف تعميراتي منصوبن تي اختلاف آهن. تازو ڪشن گنگا ۽ رتلي هائيڊرو پروجيڪٽ جي تعمير تي اختلاف سامهون آيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *