’جيڏانهن وڃي رُوم تيڏانهن ڊُوڊي مٿي ٿُوم‘

February 6, 2017 at 7:32 am

مير اعظم علي ٽالپر

سنڌي زبان جو هڪ پراڻو پهاڪو آهي ته ”جيڏانهن وڃي روم، تيڏانهن ڊوڊي مٽي ٿُوم“ هي پهاڪو راقم کي ان ڪري ياد آيو ته ملڪ ۾ ڇهين مردم شماري لاءِ ڀير تي ڏونڪو لڳي چڪو آهي. ان ڪري هر هڪ صوبي ۽ ان جي عوام ۾ ”آتر وِيلوُ“ پئجي ويو آهي. جڏهن پراڻي ۽ پهرين آدمشماري ملڪ اندر ٿي هئي ته ملڪ پنجن عددن وارو هو، ان 50ع جي ڏهاڪي واري ڳڻپ کانپوءِ 1962ع ڌاري آئون اسڪول ۾ هوندو هئس ته سائين صبح جو اسڪول جي ڪلاس ۾ حاضري ڀري هڪ ڪاري رنگ وارو دٻو، برش ۽ ڪجهه ڪاغذ ۽ رجسٽر به کڻي هليو ويندو هو ۽ پاڙي جي درن مٿان ’گهه‘ ’ش‘ ’م‘ لکندو هو، ان زماني ۾ اهي اکر پڙهي سڀ ٻار چوندا هئا ته ’گهه‘ معنيٰ ’گهر‘، ’ش‘ معنيٰ ’شيطان‘، ۽ ’م‘ معنيٰ ’مردود‘ يعني ’گهر شيطان مردود جو“ بهرحال ان زماني ۾ گهر شماري يا آدمشماري لاءِ ڪا گهڻي وٺ پڪڙ يا بي ايماني واري حالت نه هوندي هئي، پر هر دور جي نئين ڪهاڻي جيان هر مردم شماري جا پنهنجا نوان نڪور رنگ نرالا نروار ٿيندا رهيا آهن. آخري ڳڻپ 1998ع ۾ ٿي، ان کانپوءِ ’ڳڻپ‘ جو ’اکر‘ ۽ لفظ ’شڪ‘ جي دائري ۾ اچي ويو ۽ هر مردم شماري جي ڳالهه ٿيڻ شرط ان تي شڪ ۽ شبهي جو اظهار ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي، ان جو وڏو سبب ڪنهن به صوبي ۾ هِڪ زبان کان وڌيڪ ٻوليون ۽ ڌرتي ڌڻين کانسواءِ ڌارين جي آبادڪاري به اصل رهواسين کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي، پر ملڪ جي شماريات اداري جي خيال ۾ هو فقط ملڪ ۾ گهرن ۽ آبادي جي ڳڻپ رکڻ جا پابند آهن، انهن جو واسطو ڪنهن خاص طبقي کي گهٽ يا وڌ ڏيکارڻ جو نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار تازو شماريات کاتي جي سربراهه آصف باجوه به پنهنجي بريفنگ ۾ ڪيو ته هو ملڪ ۾ لاڏائو قبيلن جي ڳڻپ ڪرڻ سان گڏوگڏ ڇهن مهينن کان رهائش ڪندڙن کي به ڳڻپ ۾ شامل ڪندا.

اڄ ملڪ ۾ ٿيندڙ ڇهين مردم شماري لاءِ بلوچستان صوبي ۾ آيل ڌارين سبب تشويش آهي ته سنڌ جي ڌرتي ڌڻين ۾ به اها لهر ڇانيل آهي. ان لاءِ سياسي مداري پنهنجي سُرَ ۽ آواز ۾ قوم جي دروازي کي کڙڪائي اگهور ننڊ مان بيدار ڪري رهيا آهن ۽ هو سنڌ واسين کي چئي رهيا آهن ته هيلوڪي مردمشماري 19 سالن کانپوءِ ٿيڻ سبب سنڌين لاءِ موت ۽ زندگي جو سوال بڻجي وئي آهي. ان لاءِ جاڳرتا مهم ذريعي جاڳڻ ۽ جاڳائڻ جي ضرورت آهي. حالانڪه آدمشماري هڪ آئيني گهرج آهي، جيڪا اصولي طور هر ڏهن سالن کانپوءِ ڪرائڻ لاءِ رياست پابند آهي، پر جتي ”وڏو“ هميشه قابض هجي ۽ ”ننڍي“ جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکڻ بدران ان کي هيسائي ”يعني ڏاڍو سو گابو“ وارو اصول هجي ته پوءِ جيڪا مردمشماري آئيني طور 2008ع ۾ ٿئي ها، سا آخرڪار سپريم ڪورٽ جي لٺ ڦيرائڻ بعد 19 سالن جي دير سان ٿي رهي آهي. پر سنڌ ۾ ڌاريا هئڻ سبب اصل ڌرتي ڌڻي ڪٿي هوندا؟ سا خبر نه آهي. ڇو ته 50 لک پرڏيهي سڃاڻپ ڪارڊ وارا سنڌ ۾ رهن ٿا، ان ڪري ٻولي جي خاني ۾ لازمي آهي ته هُو’سنڌي‘ نه لکرائيندا. جيتوڻيڪ اخلاقي طور سنڌ ۾ هئڻ سبب کين سنڌي لکائڻ گهرجي، ائين نه ڪرڻ سبب اصل سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو انديشو آهي، پر ملڪ جا ادارا هميشه نڪ نرڄائي ڪندا رهيا آهن. سو 15 مارچ کان ٿيندڙ آدمشماري ۾ به ائين ٿيندو جيڪو ڦرڻي ڪرسي تي ويهڻ وارا چاهيندا. ڇو ته اسان وٽ اهڙو ڪو به ميڪنزم نه آهي جو ڪا سڃاڻپ هجي. البته خود ساخته سنڌين کي ’پاڻ ڳڻايو سنڌ سنواريو‘ جي نعري هيٺ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري سگهجي ٿو. هن مردمشماري ۾ ٻين زبانن کي ته شامل ڪيو ويو آهي، پر گجراتي ٻولي کي ظاهري خاني ۾ نه رکيو ويو آهي، جيتوڻيڪ گجراتي ڪراچي ۾ گهڻي ڳالهائي وڃي ٿي ۽ ان کانسواءِ باني پاڪستان قائداعظم جي به مادري زبان هئي. بهرحال سنڌ ۾ ستل ڌرتي ڌڻين کي بيدار ڪندڙ هڪ مهم دوران مٺي ۾ عبرت جي عيوضي نندلال لهاڻو چيو ته ”هي آدمشماري اسان جي بقا جو مسئلو آهي.“ سينيئر صحافي جي حيثيت ۾ نند لال لهاڻو جو خيال آهي ته شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جاڳرتا مهم هلائي وڃي.

ملڪ ۾ ٿيندڙ هي ڇهين آدمشماري ڪيتري قدر صاف ۽ ايمانداري واري هوندي سو ته وقت ظاهر ڪندو ۽ ان جا نتيجا ۽ بار ڪنهن تي پوندا ۽ جيئن 1970ع ۾ بلاشبه صدر يحيٰ خان جي اليڪشن بي داغ، شفاف ۽ ايمانداري واري هوندي به نتيجا قبول نه ڪرڻ سبب خراب ٿي وئي. ٻي دنيا اندر پناهگيرن کي جلدي شهريت نه ملندي آهي، پر هتي هڪ يتيم خاني وانگر شناختي ڪارڊ، ڊوميسائل ٺهڻ سان گڏوگڏ شهريت به حاصل ٿي ويندي آهي. راقم کي اها خبر نه آهي ته هتي وانگر ٻين ملڪن ۾ به آدمشماري جي جاڳرتا مهم هلائي ويندي آهي يا نه؟ ان سلسلي ۾ راقم جي پرڏيهه ۾ رهندڙ ڪجهه عزيزن ٻڌايو ته ٻاهرين دنيا ۾ هتي وانگر آدمشماري وقت سجاڳي جو سبق پڙهائڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. ڇو ته انهن ملڪن جي عوام کي انهن مسئلن جي اڳواٽ ئي خبر هوندي آهي ۽ کين معلوم هوندو آهي ته فارم ۾ ڇا ڇا ڀرڻو آهي. ڇو ته ٻاهرين ملڪن ۾ باقاعده پروگرام مطابق آدمشماري پنهنجي وقت تي ٿيندي رهندي آهي ۽ هتي وانگر ڪڏهن به سياسي مصحلت جو شڪار نه ٿيندي آهي.

ملائيشه کان دنيا جي هُن ڇيڙي تي آسٽريلوي رياست تسمانيه جي شهر سڊني ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ عزيزن جو چوڻ آهي، دنيا جي ٻين ملڪن ۾ هر وقت سجاڳي هوندي آهي. اسان کي رڳو برسات اچڻ وقت ٽپڙ اندر کڻڻ جهڙي ماحول ۾ سڀ ڪجهه ياد پوندو آهي، پر بدقسمتي سان اها ويڌن سنڌي ٻولي سان آهي، ان لاءِ پاڪستان هجي يا هندستان ڳالهه ساڳي آهي. ان جو واضح مثال 1980ع دوران ٿيل آدمشماري آهي، جنهن لاءِ ان وقت شڪنتلا اخبار سنڌي ۽ هندي ۾ اشتهار به شايع ڪيا اکر (ڪل) ڀارتيه سنڌي سماج انڊور جي سنڌي تنظيمن (سنسٿائن) کي اپيل جي صورت ۾ هن طرح هو ته،

(1) ٿورن ڏينهن ۾ سڄي هندستان اندر آدمشماري جو ڪم شروع ٿيڻو آهي، سرڪاري ڪرمچاري (ملازم) گهر گهر ڪٽنب جي ڀاتين جو تعداد، ڌرم ۽ ٻولي جا انگ اکر ڪٺا ڪندا.

(2) هر 10 سالن ۾ آدمشماري جو ڪاريه (ڪم) ٿيندو آهي. هن کان اڳ 1970ع ۾ سڄي ڀارت ۾ آدمشماري ٿي هئي، هينئر 10 سالن کانپوءِ وري آدمشماري ٿي رهي آهي. آدمشماري ان ڪري ٿيندي آهي ته جيئن خبر پئي ته ملڪ ۾ ڪيترا ماڻهو رهن ٿا، انهن جو مذهب، ٻولي ڪهڙي آهي. اڳ سنڌين جو تعداد 25 لک هندستان ۾ هو، پر سرڪاري رڪارڊ ۾ 13 لک ظاهر ڪيو ويو، ڇو ته سنڌين پنهنجي مادري ٻولي سنڌي بدران گجرات ۾ گجراتي، مهاراشٽر ۾ مراٺي ۽ هندي لکرائي، ان جو نتيجو سنڌين لاءِ اقليت وارو نڪتو. هاڻي اسان جو فرض آهي ته پنهنجي مادري زبان سنڌي لکرايون، ان لاءِ آدمشماري لکڻ وارا پهچندا ته مرد ٻاهر ڪم سان ويل هوندا ۽ گهرن ۾ صرف عورتون هونديون، ان ڪري زالن ۽ ٻارن کي خاص هدايت ڪئي وڃي ته هو پنهنجي مادري (ماتر ڀاشا) زبان سنڌي لکائين.

(3) اوهان چستي ۽ جاڳرتا ڏيکاري ۽ صحيح معنيٰ ۾ پنهنجي مادري ٻولي، سنڌي لکائي ته پوءِ سنڌين جو تعداد 40 لک ٿي ويندو (1980ع ۾)

(4) هن لاءِ سنڌي پئنچائت ۽ تنظيمن کي شهرن ۾ سجاڳي آڻڻ گهرجي ۽ هينڊبل ڇپائي گهرن ۾ ورهائڻ گهرجن ۽ ميڙاڪا ڪرائڻ کپن.

(5) اوهان جي سستي ۽ عقلت سان اوهان کي ئي نقصان ٿيندو ۽ سرڪار ۾ سهوليتون گهٽ ملنديون.

آدمشماري ۾ پنهنجي ماتر ڀاشا (مادري زبان) سنڌي لکايو. شيوا (خدمت) ۾ لڇمڻداس عالمچنداڻي، شريمتي (محترمه) آشا ڀاٽيا ۽ ديپڪ ڪوڏواڻي ڪل سنڌي سماج ايڊور.

بهرحال هن مان ثابت ٿيو ته جتي به دنيا ۾ سنڌي ٻولي وارا آهن ته آزار ۾ آهن، يعني ”جيڏانهن وڃي روُم تيڏانهن ڊوڊي مٿي ٿوم“ اهو مثال سنڌين تي بلڪل ٺهڪي اچي ٿو.

 

اي پيپر