جرڳن ۽ پنچائتي نظام جي حق ۾ منظور ڪيل بل!

February 6, 2017 at 7:30 am

قومي اسيمبلي جرڳن ۽ پنچائتي نظام کي قانوني شڪل ڏيڻ جو بل منظور ڪري ورتو آهي، جنهن تي زمين، ملڪيت جي تڪرارن، رشتيدارن ۽ طلاق جي مامرن، مالڪِ مڪان، مسواڙين، ملڪيتن ۽ زمين جا کاتا تبديل ڪرڻ تي تڪرار سميت سول پروسيجر تحت ٽيويهه قسمن جي ڏوهن جا فيصلا ٿي سگهندا، ان حوالي سان قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسلام آباد ۽ وفاقي حڪومت جي حدن ۾ جرڳن ۽ پنچائت جي نظام کي قانوني شڪل ڏيڻ جو بل 2016ع منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو، جنهن تي ڳالهائيندي قانون جي وفاقي وزير زاهد حامد جو چوڻ هو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته فوري ۽ سستو انصاف عوام کي ملي، تنهن ڪري ايوان ۾ منظور ڪيل بل اهم ۽ تاريخي آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي نفيسه شاهه جو چوڻ آهي ته اهو درست آهي ته ڪرمنل جسٽس نظام ۾ بهتري جي ضرورت آهي، پر جرڳا خون جا به فيصلا ڪري رهيا آهن، جيڪي انهن جي دائري ۾ نه هجڻ گهرجن، ايوان کي ٻڌايو وڃي ته 23 ڪرمنل ڏوهه ڪهڙا آهن؟ هُن اهو به چيو ته سڀ کان وڌيڪ استحصال عورتن جو ٿئي ٿو، جنهن کي روڪڻ حڪومت جي ذميواري آهي.

اها هڪ واضح ۽ چٽي حقيقت آهي ته وڏيرڪي ۽ سرداري نظام ۾ عام ماڻهن جي گهڻي ڀاڱي قبائلي تڪرارن سان لهه وچڙ ٿئي ٿي، ماضي ۾ اقتدار تي قابض ۽ آمراڻي سوچ جي مالڪن به نسل پرست جماعتن کي هٿي ڏني، نتيجي ۾ ڌاڙيل ڪلچر جنم ورتو ۽ ٻهراڙين وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن پنهنجو راڄ قائم ڪيو، جتي قبائلي جهيڙا ڪرائي تڪرارن کي وڌايو ويو ۽ ڪيئي ڳوٺن کي ذاتي دشمنين جي ور چاڙهي انهن جي خوشحال مستبقل، اُتي رهندڙ ٻارن جي تعليم، صحت ۽ ٻين بنيادي سهولتن کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو، نه رڳو ماضي ۾ پر هِن وقت به سنڌ سميت ملڪ جي قبائلي ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ننڍين ننڍين ڳالهين تي به ٿيندڙ معمولي تڪرار وڌي خوني ويڙهه جي صورت اختيار ڪن ٿا، جن ۾ ڪيئي قيمتي انساني جانيون ۽ مال متاع ضايع ٿي وڃي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ وڏيرن، سردارن، چوڌرين ۽ نوابن کي پنهنجي حيثيت ۽ اهميت مڃرائڻ جو موقعو ملي ٿو، نه رڳو ايترو پر پوليس ۾ پنهنجيون ڊيوٽيون سرانجام ڏيندڙ سپاهي توڙي اعليٰ عملدار به چئني پاسن کان ڦرلٽ جي بازار گرم ڪري ڇڏين ٿا، وچان ويچارا غريب ماڻهو، جن جو پيٽ گذر چوپائي مال ۽ ٻني ٻاري تي هوندو آهي، سي به قبائلي تڪرارن جي ظلمن ۾ پيا ٿا پيسجن،  ان ڪري اهو چوڻ غلط نه هوندو ته اهي قبائلي تڪرار ۽ ذاتي دشمنيون وڌڻ جو اهم ڪارڻ بدترين لاقانونيت ۽ پوليس ۾ ڪرپشن به آهي.

جمهوري حڪومت ۾ ته ڏوهارين جا سمورا گس سوڙها ڪيا ويندا آهن ۽ عوام کي رليف ملندو آهي، پر افسوس ته هتي صورتحال مختلف ڏسجي ٿي، خاص ڪري سنڌي سماج جي تباهي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو جو سنڌ ۾ هر مهيني 50 کان وڌيڪ عورتن کي ڪاروڪاري ڪري يا گهريلو تشدد جي نتيجي ۾ ماريو وڃي ٿو، ڄڻ ته سنڌي سماج کي گهرو ويڙهاند جي حالتن ڏانهن ڌڪيو ويو آهي، ان صورتحال ۽ قبائلي تڪرارن کي عدالتي ۽ رياستي نظام وسيلي روڪڻ بجاءِ ويتر جرڳا سسٽم ۽ پنچائت جي نظام کي هٿي ڏني وڃي ته اهو عمل محفوظ مستقبل کي تباهه ڪرڻ برابر آهي.

هن ملڪ جي قيام ۽ ان کان اڳ اسان جي تاريخ ۾ تڪرارن جي حل لاءِ پنچائت ۽ جرڳي جا مسئلا حل ڪرڻ جو نظام پهرين کان ئي هلي رهيو آهي، جنهن تي سپريم ڪورٽ به پابندي لڳائيندي رهي آهي، اها به حقيقت آهي ته ماڻهو اڳ ئي ٿاڻن ۽ عدالتن ۾ وڃڻ کان ڪيٻائين ٿا، ان جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي ته جتي ماڻهن کي تڪڙو ۽ سستو انصاف فراهم نه ٿئي، اُتي وڃڻ کي هُو ترجيح ڇو ڏيندا؟ ويتر جيڪڏهن قومي اسيمبلي ۾ اهڙا بل پيش ڪيا وڃن، جيڪي ملڪي عدالتن جي نظام جي اهميت گهٽائڻ جو سبب بڻجن ته اهي موجوده دور کي پنچائت ۽ جرڳن واري پٿريلي دور ۾ ڌڪي ڇڏيندا ۽ ماڻهو انصاف لاءِ عدالتن ۽ ٿاڻن جو رُخ ڪرڻ به ڇڏي ڏيندا، ان ڪري اسين سمجهون ٿا ته قومي اسيمبلي هن ملڪ جو مقدس ايوان آهي، اتي اهڙا بل پيش ڪرڻ ۽ انهن کي منظور ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، جيڪي ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ جو وسيلو بڻجڻ سميت ملڪي آئين ۽ قانون لاءِ اڳتي هلي ٽڪراءُ ثابت ٿين. وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن، ملڪ جي سمورن سياسي پارٽين، اديبن، دانشورن ۽ ميڊيا سان واڳيل نمائندن کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن اسان کي پنهنجي سماج مان قبائلي تڪرارن ۽ ذاتي دشمنين جو خاتمو آڻڻو آهي ته پوءِ ان مقصد جي حاصلات لاءِ تعليم کي عام ڪرڻ گهرجي، هر قسم جي تڪرارن کي حل ڪرڻ طرف پوري طرح ۽ سنجيدگي سان ڌيان ڏيڻو پوندو، پاڻ ۾ اتحاد ۽ ٻڌيءَ جو جذبو پيدا ڪرڻو پوندو، ڇوته ان کانسواءِ ڪوبه معاشرو نه سڌري سگهي ٿو ۽ نه ئي وري ان سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي سوچ کي مثبت انداز ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.

اي پيپر