اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم جي صلاحڪار طارق فاطمي چيو آهي ته پاڪستان شڪيل آفريدي جي آزادي واري معاملي تي آمريڪا سان ڳالهائي سگهي ٿو. ڊاڪٽر آفريدي پشاور جي هڪ جيل ۾ 33 سال قيد جي سزا ڪاٽي رهيو آهي. طارق فاطمي چيو ته اسان انهي معاملي کي قانون جي دائري اندر رهندي حل ڪرڻ چاهيون ٿا پر اسان اهو به نٿا چاهيون ته معاملو ڪنهن جي تڪليف بڻجي. هن وڌيڪ چيو ته اوباما انتظاميا به آفريدي جي آزادي جو مطالبو ڪيو هو پر اسان ان کي واضع طور تي ٻڌايو هو ته ان شخص پاڪستان قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي.