عدالتي فيصلا وڻن يا نه، انهن تي عمل ڪيو آهي: سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته صلاحڪارن جي ڪم ڪرڻ جو طريقو قانون موجب آهي، عدالتي فيصلا وڻن يا نه وڻن، انهن تي عمل ڪيو آهي. بلاول هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته پ پ ۾ ايندڙ ڪارڪنن کي ڀليڪار چئون ٿا، پ پ 2018ع ۾ ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي بڻجندي. هن چيو ته قانون موجب وڏو وزير پنهنجا اختيار صلاحڪارن حوالي ڪري سگهي ٿو. 22 نومبر واري فيصلي کان اڳ صلاحڪارن جا اختيار قانون موجب هئا. سندس چوڻ هو ته عدالتي فيصلا وڻن يا نه، انهن تي عمل ڪيو آهي. جنهن شخص درخواست داخل ڪرائي، ان جا هٿ صاف نه هيا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *