چترال ۾ برفاني ڇپ ڪرڻ سبب ڪيترائي رهواسي دٻجي ويا، 14 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا

ڍترال(م ڊ)خيبرپختونخواهه جي علائقي شوغور ۾ برفارني ڇپ گهرن تي ڪرڻ سبب ڪيترائي رهواسي دٻجي ويا آهن، جن مان ۱۴ ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن. چترال جي ضلعي ناظم مغفرت شاهه ٻڌايو ته شوغور جي علائقي شيرسال ۾ ۲۵ کان وڌيڪ گهرن تي برفاني ڇپ ڪري پئي آهي، جنهن هيٺيان ڪيترائي رهواسي دٻجي ويا آهن. جڏهن ته ۱۴ رهواسين جا لاش ڪڍيا ويا آهن ۽ امدادي ڪارڪن گم ٿيل ماڻهن جي ڳولي ڪري رهيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *