اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته ڀارتي فوج جا ظلم واريل ڪشمير جي عوام کي سندن مقصد کان پوئتي نٿا هٽائي سگهن، آئون ڪشميري عوام کي سندن قربانين ۽ جرئت تي سلام پيش ڪيان ٿو. وزير اعظم يوم يڪجهتي ڪشمير بابت جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي بابت پنهنجي اصولي موقف تي قائم رهندو، خطي ۾ خوشحالي جو خواب ڪشمير مسئلي جي حل تائين پورو نٿو ٿي سگهي. والاريل ڪشمير جي عوام آزادي جي جدوجهد ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون، اتي 12 هزار ماڻهو غير قانوني طور قيد ۾ آهن جڏهن ته والاريل ڪشمير ۾ سينيئر حريت اڳواڻن کي گرفتار ۽ نظربند ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان قومي ڪشميرين جي حق خوداراديت ۾ انهن سان گڏ آهن، اهو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ بنيادي تڪرار آهي.