پيپلز پارٽي ڪشميرين جي عظيم قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي: آصف علي زرداري

ڪراچي/ اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪشمير جو مسئلو عوام جي امنگن موجب حل ٿيڻ گهرجي. هن اها ڳالهه يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. آصف علي زرادري چيو ته پيپلز پارٽي ڪشميرين جي حق خوداراديت جي وڪالت ڪندي رهندي ۽ ڪشميرين جي بنيادي حقن جي عزت ڪندي رهندي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ڪشميرين جي عظيم قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. ٻئي پاسي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته ڪشمير جي مسئلي جو حل سڄي خطي جي مفاد ۾ آهي ۽ ڀارت کي ڪشمير ڪمسئلي جي حل جي لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا. يوم يڪجهتي ڪشمير تي مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد ۾ پيپلز پارٽي جو ڪردار تاريخي رهيو ۽ پيپلز پارٽي ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي. خورشيد شاهه چيو ته عالمي برادري گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب مسئلي جو حل ڪڍي * جنت نظير وادي ۾ آزادي جو سج نڪري سگهي. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته ڪشميري عوام جي حق خوداراديت سان محرومي عالمي برادري جي ناڪامي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *