ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آهي ۽ جڏهن شهر ترقي ناهي ته ملڪ اڳتي ناهي وڌي سگهندو. سنڌ جي گورنر محمد زبير خانگي يونيورسٽي جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته ناڪاري خبرون ڪراچي جي واپار جي لاءِ سٺيون ناهنم، ماضي ۾ 10 منٽن ۾ ڪراچي بند ٿي ويندو هو، باهيون، گهيراءَ ۽ هڙتالون شهر جي سڃاڻپ بڻجي ويون هيون ۽ خراب حالتن جي ڪري سيڙپڪار اچڻ بند ٿي ويا هئا. سيڙپڪار رڳو ته ڇپندا آهن ته حالتون ڪيتريون پر امن آهن ڇو ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آهي ۽ ڪراچي ترقي نه ڪندو ته ملڪ اڳتي نه وڌي سگهندو جڏهن ته 3 سال پهرين واري پاڪستان ۽ هاڻ واري پاڪستان ۾ ڏاڍو فرق آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ضروري آهي، اسان وڙهي مسئلو حل نٿا ڪرڻ چاهيون، ڪشمير جو مسئلو سمورن پاڪستانين جي لاءِ ڏاڍي اهميت رکي ٿو.