نصير آباد ۾ آدم شماري بابت آل پارٽيز ڪانفرنس؛عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جو اعلان
February 6, 2017 at 12:24 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
نصيرآباد( رپورٽ؛ حافظ عاشق ڦلپوٽو) نصيرآباد پريس ڪلب جي ميزباني هيٺ آدم شماري بابت آل پارٽيز ڪانفرنس) سياسي سماجي ادبي واپاري ڪاروباري ۽ بلدياتي نمائندن جي شرڪت شهري توڙي ٻهراڙي جي عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي لاء ڪاميٽي ٺاهڻ جو اعلان 18 سالن کانپوء آدمشماري ٿي رهجي عوام کي سڄاڳ ٿيڻو پوندو ته جيئن قومي خاني ۾ وڌ ۾ وڌ سنڌي لکرائي ۽ پنهنجا الڳ الڳ خاندان لکرائين غفلت نه ڪئي وڃي وڏو ڀاء هر وقت نا انصافي ڪندو رهي ٿو ڪانفرنس کي نالي واري اديب ننگر چنا سينگار نوناري ناياب سرڪش سنڌي حافظ عاشق ڦلپوٽو، جبار آزاد منگي زاهد خان ڏيپر وائيس چيئرمين حاجي وزير ڦلپوٽو ۽ ٻين جو خطاب رپورٽ موجب ڪالهه نصيرآباد پريس ڪلب جي ميزباني هيٺ آدمشماري جي اهميت تي آلپارٽيز ڪانفرنس ٿي گذري آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ مختلف پارٽين جي اڳواڻن جن ۾ جسقم جي شاهد کوکر پ پ پ جي ممتاز لنجواڻي نواز ليگ جي اڳواڻ احد سوهو جسقم آريسر جي ننگر چنا سنڌي ادبي سنگت جي بشير نوناري نمسوا جي سعيد احمد لوهار ايس ٽي پي جي خدابخش سانگھرو پ پ پ ورڪرز پارٽي جي نياز حسين ڪلهوڙو قومي عوامي تحريڪ جي ايڊووڪيٽ عنايت تنيو عوامي ورڪرز پارٽي جي سينگار نوناري شهري اتحاد جي اظهر منگي هندو پنچائت جي سنيل ڪمار هندو نوجوان اتحاد جي اڳواڻ ڪامريڊ هريش ڪمار صرافه يونين جي روآشن علي شيخ جيجل ويلفيئر جي عالم کنڊ ايس يو پي جي ڊاڪٽر محب ڦلپوٽو ڪبوا جي غفار چنا نصيرآباد ٽائون ڪميٽي جي وائيس چيئرمين حاجي وزير ڦلپوٽو ضلع ڪائونسل جي ميمبرن سردار الطاف حسين تنيو حسين بخش جت عاشق واهوچو زاهد حسين ڏيپر شهر جي چونڊيل ڪائونسلر۽ عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ جبار آزاد منگي ڪائونسلر فضل محمد مسڻ دانشور سيب ننگر چنا قوپرست ناري اڳواڻ ناياب سرڪش سنڌي پريس ڪلب جي صدر حافظ عاشق حسين ڦلپوٽوبشير احمد لغاري احمد بخش ڏيپر محمد اعظم ٽڳڙ مجيد بروهي بشير بروهي راجالاشاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ 18 سالن کانپوء آدمشماري ٿي رهي آهي جيڪڏهن سنڌ جو عوام هن ڀيري به سڄاڳ نه ٿيو ته سمورا سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا انهن ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته سدائين سنڌ سان وڏي ڀاءُ ڌوڪو ڪيو آهي ۽ ان ڌوڪي کان نجات پائڻ لاءِ سنڌي ماڻهن کي هر حال ۾ قومي خاني ۾ وڌ ۾ وڌ سنڌي لکرائن، هنن چيو ته بلوچ جيڪي اسان جا ڀائر آهن اهي به هن ڀيري هر حال ۾ سنڌي لکرائن، هنن چيو ته اسان جو ڪنهن به ٻولي ذات سان ڪو به جھيڙو ناهي ها صرف اهو مطالبو آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ سڀ ڌريون سنڌي لکرائن ۽ پنهنجا الڳ الڳ خاندان لکرائن ته جيئن سنڌي ماڻهن کي پنهنجو حق آساني سان ملي سگھي هنن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي سدائين سنڌ مان وڏي تعداد ۾ ووٽ مليو آهي ۽ پ پ پ سنڌ حڪومت آدمشماري بابت جاڳرتا پيدا ڪري ته جيئن دنيا جي اڳيان سنڌ جي عوام جو ڪيس بهتر نموني رکي سگھجي آلپارٽيز ڪانفرنس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عوام ۾ سڄاڳي پيدا ڪرڻ جي لاء ڪاميٽي جوڙي ويندي هنن چيو ته نادرا جي ٽيمن جو تعداد وڌايو وڃي سنڌ ۾ موجود افغانين بنگالين برمين سميت سمورن ڌارين جا غير قانوني طور تي ٺاهيل ڪارڊ رد ڪري کين ڳڻپ کان ٻاهر رکيو وڃي ۽ شناختي ڪارڊ وارو شرط هر صورت ۾ ختم ڪيو وڃي