سڃاڻپ ڪارڊ نه رکندڙ پاڪستاني شهرين جا نالا به آدمشماري دوران رڪارڊ ڪيا ويندا: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد؛ قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته سڃاڻپ ڪارڊ نه رکندڙ پاڪستاني شهرين جا نالا به آدمشماري دوران رڪارڊ ڪيا ويندا. آدمشماري جي شروعات ۱۵ مارچ کان ٿيندي، جيڪو ٻن مهينن ۾ مڪمل ٿيندو، جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران بيگم طاهره بخاري جي سوال جي جواب ۾ راڻا افضل ايوان کي ٻڌايو ته آدمشماري ۾ جن ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ نه هوندا، انهن کي به رڪارڊ تي آندو ويندو. هن ٻڌايو ته نئين آدمشماري ۽ گهر شماري ۱۵ مارچ ۲۰۱۷ع کان شروع ٿيندي ۽ اهو عمل ٻن مهينن جي اندر اندر مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته شماريات جي ڪم لاءِ ۱۴ ارب ۵۰ ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته آدمشماري جو عمل ٿيڻ وڃي رهيو آهي، ان لاءِ وڌ کان وڌ ماڻهن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *