شڪارپور ( ڊ . ر ) پ پ پ ايم پي اي امتياز شيخ طرفان گنگا ٻائي اسپتال جي وزٽ ، انچارج طرفان سرڪاري اسيمبلنس ، سرڪاري جنريٽرگم ، دوائيون نه ملڻ ، گئس نه هجڻ جي شڪايت، امتياز شيخ طرفان ڊي ايڇ او کان پڇاڻو ، ايمبولنس ۽ ٻيون سهولتون بروقت اسپتال انتظاميه کي ڏياريون ويون. تفصيل موجب : ڪالھ پ پ پ ايم پي اي امتياز احمد شيخ تاريخي گنگا ٻائي اسپتال جي وزٽ ڪئي ، وارڊ چيڪ ڪيا ، مريضن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ، ان موقعي تي سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر منصور ميمڻ، ڊاڪٽر جهانگير شيخ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، ٻي طرف اسپتال جي انچارج ليڊي ڊاڪٽر وينگس جنهن امتياز احمد شيخ کي ٻڌايو ته ڪيترن ئي سالن کان وٺي ڪوئي به اسپتال بابت پڇا ڪرڻ لاءِ ڪو ئي ايم پي اي يا ايم اين اي نه آيو آهي توهان آيو آهيو حقيقت اها آهي ته هتي ڪا به سهولت مريضن کي ڏيڻ لاءِ ڪانهي اوٽي ۾ گئس ڪونهي ايمبولنس ، جنريٽر به غائب آهي دوائيون به ڪو نه آهن الله جي آساري اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت اسپتال هلائي رهيا آهيون ان دوران سرڪاري ايمبولنس ، جنريٽر گم هجڻ ڪري ڊي ايڇ او کان پڇاڻو ڪيو ويو ۽ جڏهن ته امتياز شيخ طرفان ڊي ايڇ اوکي هدايت ڪئي وئي ته سول اسپتال کي جيڪا بجيٽ 100 فيصد ڏني وڃي ٿي ان مان 10 فيصد گنگا ٻائي اسپتال کي ڏني وڃي ليڊي ڊاڪٽرن جي کوٽ پوري ڪئي وڃي ٻي طرف اسپتال ۾ ٽيلوفون ۽ گئس جي فراهمي بروقت ڏياري وئي جڏهن ته ڊي ايڇ او 24 ڪلاڪ اندر گم ٿيل ايمبولنس ۽ جنريٽر جي انڪوائري ڪري گنگا ٻائي اسپتال کي ڏيڻ جي هدايت ڪئي.