حڪومت کي نيڪ نيتي سان آدمشماري ڪرائڻ گهرجي:قادر مگسي

نوابشاهه: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي نوابشاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ جا انيڪ مسئلا آهن.شروع ٿيندڙ آدمشماري ۾ سنڌي قوم ۾ جاڳرتا مهم جي ضرورت آهي.اسانجو ملڪ ڪثير القوم ملڪ آهي جنهن سبب صوبن کي اختيار هئڻ گهرجن آدمشماري فارم ۾ ٻولين جا ۸ خانا ڏنا ويا آهن فارم ۾ ۲ خانا سنڌي ۽ اردو هئڻ گهرجي. اٺن ٻولين سان نفاق پيدا ٿيندو ۽ سنڌ ۾ لسانيت ختم نه ٿي سگهندي. پنجابي پختون اتحاد پنجابي مهاجر اتحاد سنڌ جي اٿارٽي کي چئلنج ڪرڻ لاءِ جنرل ضياءُ الحق ٺهرايون.هن چيو ته حڪومت کي نيڪ نيتي سان آدمشماري ڪرائڻ گهرجي جيڪڏهن حڪومت پنجاب کي طاقتور وڌيڪ بنائڻ لاءِ آدمشماري ڪرائي وئي ته اهو بهتر عمل نه ٿيندو. هن چيو ته سنڌ جي پنج ڪروڙ آبادي ۾ ڪوبه وفاق کي گورنر عهدي لاءِ لائق ماڻهو نه مليو. ٻاهران گهرائي سنڌ کي وائس راءِ حوالي ڪيو ويو. اسين گورنر جي مقرري کي رد ڪيون ٿا. سنڌ جي ماڻهن کي محمد زبير جي گورنر مقرري خلاف آهيون. اسان کي وفاق جو سنڌ دشمن رويو قبول ناهي. وفاق کي صوبن جا مڪمل اختيار ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته آمريڪا ۾ نسل پرستي ڦهلجي رهي آهي. هن چيو ته ۱۹۵۴ تائين جيڪي سنڌ ۾ آيا انهن کي سنڌ جو مستقل رهواسي ڊڪليئر ڪيو وڃي. هن چيو ته مارچ مهينو سنڌ اندر ڪڻڪ جي لابارن جو مهينو آهي اڪثر پورهيتن جا گهر خالي هوندا جنهن سبب مارچ مهيني ۾ آدمشماري ڪرائڻ تي سنڌ کي اعتراض آهي.هن چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ سڀ فارم ۾ سنڌي لکرائين. هن چيو ته جيڪي ماڻهو ڊڪليئر دهشتگرد آهن انهن کي سياست ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.هن چيو ته آدمشماري درست ڳڻپ نه ٿي ته سنڌ انهي کي رد ڪندي.هن چيو ته آبادگارن جي اڪثريت آصف علي زرداري سان گڏ آهي ۽ پ پ حڪومت ئي کين فصل جا مناسب اگھ نه پيا ملن آبادگارن پاڻ متحد ٿين ته کين شوگر مل پاڻ کين ٽي سئو روپيه في مڻ اگھ ملندو. هن وڌيڪ چيو ته شهيد ذولفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو ايمانداري سان سياست ڪئي جنهن سبب قوم کين سهڻن لفظن سان ياد رکي ٿي.سي پيڪ جي سنڌ حڪومت پوئواري ۽ مالڪي نه ڪئي ته سنڌ ۾ ڌاريا وڌندا.انهي موقعي تي گلزار سومرو،سيد اطهر شاهه،نثار ڪيريو،رفيق ملاح،عمران ڪيريو،زوار سجاد حسين ملاح،خادم حسين چانڊيو پڻ موجود هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *