ڀارت جون چڙ ڏياريندڙ حرڪتون ڪشمير ۾ ظلمن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهن: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ بابت شعبي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل قمبر جاويد باجوا لاهور ڇانوڻيءَ جو دورو ڪري شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي، آرمي چيف ڪور هيڊ ڪوارٽرز ۽ رينجرز هيڊ ڪوارٽرز جو به دورو ڪيو، ان موقعي تي آرمي چيف کي فوج ۽ رينجرز جي آپريشنل تيارين تي بريفنگ پڻ ڏني وئي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ڀارت طرفان چڙڏياريندڙ حرڪتن تي رينجرز جي ڪارروائيءَ جي تعريف پڻ ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف جوانن کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت پاران چڙ ڏياريندڙ حرڪتون ڪشمير ۾ ظلمن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي، ورڪنگ بائونڊري تي فوج ۽ رينجرز ڀرپور جواب ڏنو، پاڪ فوج جي ڪردار تي قوم کي فخر آهي، عسڪريت پسنديءَ خلاف قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي، پاڪستان جو عوام اسان جي اصل طاقت آهي، اسان کي قوم جي اميدن تي پورو لهڻ آهي، آرمي چيف جو چوڻ هو ته ڪنهن به اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون، آرمي چيف جي لاهور ڇانوڻيءَ ۾ اچڻ تي ڪور ڪمانڊر ليفٽينينٽ جنرل صادق عليءَ آڌر ڀاءُ ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *