پشاور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ 34 هزار ٻار پرائيويٽ اسڪول مان سرڪاري اسڪول ۾ آيا، ڪي پي ڪي حڪومت سڄي پاڪستان ۾ مثال ڪئي آهي. صحت جي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته صحت ڪارڊ سڄي ڪي پي ڪي کي ڏيارينداسين، ناقص حڪراني ۽ سياسي مداخلت جي ڪري سرڪاري اسپتال خراب ٿيا. عام ماڻهو وٽ رڳو کائڻ جا پيسا هوندا آهن، ميرٽ نه هئڻ جي ڪري سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتن جو کوٽ آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي پوليس ۾ ڪا به سياسي مداخلت ناهي، سڀ جي وڌيڪ پيسو عورتن جي ترقي تي لڳايو ويا. ڪي پي ڪي ۾ هن وقت تائين 150 تائين قانون آندا ويا، صوبائي حڪومت 500 بيڊن تي ٻڌل اسپتال ٺهرايا. هن وڌيڪ چيو ته ڪي پي ڪي جو 93 سيڪڙو روينيو وفاقت تي ٻڌل آهي، هيلٿ ڪارڊ کي ايندڙ سال تائين سڄي صوبي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين.