دفاع ۽ ميزائيل پروگرام تي ڪابه ڳالهه نٿي ٿي سگهي: ايران

تهران (اين اين آءِ) ايران قومي سلامتي جي ضرورتن موجب پنهنجي ميزائيل پروگرام کي جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان تي ڪابه ڳالهه نٿي ٿي سگهي پرڏيهي اداري موجب ايران جي شئرا ڪائونسل جي قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي جي ترجمان حسين حسيني چيو آهي ته دفاع ۽ ميزائيل پروگرامن تي ڪابه ڳالهه نٿي ٿي سگهي اسان ڪنهن کي به ان معاملي ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏينداسين حسين وڌيڪ چيو ته ڪميٽي پنهنجو هنگامي اجلاس منعقد ڪيو ۽ ان ۾ پاسداران انقلاب ڪورڪي فضائي فوج جي ڪمانڊر برگيڊيئر جنرل اميرعلي حاجي زاده يورپ ۽ آمريڪا جي معاملن لاءِ نائب پرڏيهي وزير ماجد تخت روانچي ۽ سراب رئيساڻي وزارت جي اختيارن شرڪت ڪئي ان اجلاس ۾ آمريڪا جي نئين انتظاميه ۽ انهن جي قدمن جي حوالي سان معاملن تي غور ڪيو ويو ترجمان چيو ته شريڪ ٿيندڙن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته دفاع ۽ ميزائيلن جي اشور تي ڪابه ڳالهه نٿي ڪري سگهجي ان ۾ غير معمولي اڳڀرائي ٿيڻ گهرجي هن وڌيڪ چيو ته شوره قائونسل کي ان معاملي ۾ پنهنجي ڀرپور حمايت ڪرڻ گهرجي ايران اهو اعلان اهڙي وقت ۾ ڪيو جڏهن ان جي بئلسٽڪ ميزائيلن جي تازي تجربن کي بين الاقوامي سطح تي رد ڪيو ويو آهي ۽ آمريڪا جي نئين صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انظاميا پاران جولاءِ 2015 ۾ ايران ۽ ڇهن وڏين طاقتن وچ ۾ طئي ٿيل جوهري معاهدن کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. ايران کي اهو به چيو پيو وڃي ته هو جوهري معاهدي جي شرطن تي مڪمل عملدرآمد ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *