اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا بريفنگ ڏيندي آهي چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ مسلسل گڏيل قومن جي قراردادن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪشميرين سان ظلم ڪري رهيو آهي، حافظ سعيد جي نظربندي وارو فيصلو رياست جو آهي، ان لاءِ ڀارتي رد عمل ضروري ناهي. اسلام آباد ۾ هفتي وار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته گذريل هفتي ڀارتي فوج فائرنگ ڪري 40 ڪشميرين کي زخمي ڪرڻ سان گڏ 14 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ پرڏيهين کي ڊوميسائل ٺاهي ڏنا پيا وڃن، ان معاملي جو عالمي برادري کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته والاريل ڪشمير جي آبادي کي سازش تحت هندو اڪثريت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، پاڪستان اهڙي عمل جي ڀرپور مذمت ڪري ٿو.