دهشتگردي کي ڪنهن مذهب سان نه جوڙيو وڃي، ٽرمپ جو حڪم مسلم دنيا ۾ منفي پيغام موڪليو آهي: گهرو وزير

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو زوير چوڌري نثارعلي خان چيو آهي ته دهشتگردي کي ڪنهن به مذهب سان نٿو جوڙي سگهجي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪم سان مسلم دنيا ۾ منفي پيغام مليو. هر ڏاڙهي وارو مرد ۽ باحجاب عورت کي دهشتگرد نه سمجهڻ گهرجي. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ سئمينا کي خطاب دوران گهرو زوير چوڌري نثارعلي خان چيو آهي ته سيڪيورٽي هڪ قصير يڪجهتي مسئلو آهي خطي ۾ سياست ۽ سيڪيورٽي کي ملائڻ جو رجحان آهي سياست کي سيڪيورٽي سان نه ملائڻ گهرجي اولهه ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ سيڪيورٽي جو تنازر ۽ ضرورتون مختلف ٿي سگهن ٿيون پر سيڪيورٽي جو مطلب اهو نه آهي ته سرحدون بند ڪري ملڪ محفوظ ٿي وڃي سرحدن کي بند ڪري امن کي محسوس ڪرڻ جو نالو تحفظ نه آهي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪم سڄي مسلم دنيا ۾ منفي پيغام پهتو آهي. امن امان جي قيام لاءِ ڳالهيون اهم آهن ڳالهيون نه ڪرڻ وارن جو ڪيس ڪمزور هوندو آهي مسئلن جي حل جي بنيادي ڪنجي هڪ ٻئي سان ڳالهيون ئي آهن پاڪستان خطي ۾ امن جي لاءِ وڌ کان وڌ لچڪ ڏيکاري رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *