هلندڙ سال جي پڄاڻي کان اڳ هدف حاصل ڪري وٺنداسين: مڪيش ڪمار چاولا
February 2, 2017 at 1:18 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(هه آ): ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي کان اڳ ٽيڪس هدف جي وصولي لاءِ پنهنجن ڪاوشن کي تيز ڪن. اها ڳالهه اڄ هن پنهنجي آفيس ۾ سمورن ريجنل ڊائريڪٽرن جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن شعيب احمد صديقي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال دوران ايستائين 24110.098 ملين رپيا مختلف ٽيڪسن جي مد ۾ وصول ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هلندڙ مالي سال 17-2016 جي مجموعي هدف 52610 ملين رپيا آهن جيڪو هلندڙ مالي سال جي آخر کان اڳ ئي حاصل ڪيو ويندو. صوبائي وزير هدايت ڪئي ته ٽيڪس هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ جتي به عملي جي کوٽ آهي ان کي فوري طور تي پورو ڪيو وڃي ۽ اهل آفيسرن ۽ عملي جي محڪمه جاتي ترقي لاءِ جلد کان جلد محڪمه جاتي اجلاس طلب ڪيو وڃي ته جيئن ترقي حاصل ڪندڙ وڌيڪ محنت سان پنهنجا فرض انجام ڏئي سگهن. اجلاس ۾ ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن کاتي جي جاري ترقياتي اسڪيمن جو به جائزو ورتو ويو ۽ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ان سلسلي ۾ تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته جيستائين اسان سڀ گڏجي پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل جدوجهد نه ڪنداسين ان وقت تائين اسان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگهنداسين. اجلاس ۾ سمورن ريجنل ڊائريڪٽرن ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.