پ پ پ ايم پي اي امتياز شيخ طرفان سول اسپتال جي وزٽ ، ڊاڪٽرن کان سخت پڇاڻو

شڪارپور(ڊ . ر) پ پ پ ايم پي اي امتياز شيخ طرفان سول اسپتال جي وزٽ ، ڊاڪٽرن کان سخت پڇاڻو ، بند پيل ايڪسري ٺيڪ ڇو نه ڪرائي وئي آهي، مرده خاني جي حالت ڇو خراب آهي، اڳم سهولتون نه هنيو نظام ئي خراب آهي ته مان ڇا ڪريان ايم ايس منصور طرفان امتياز شيخ کي جواب، ڊائلاسسز، ڊينٽل ۽ ايڪسري لاءِ ملازمن جي کوٽ آهي ڊي ايڇ او جي آگاهي، امتياز شيخ طرفان يونين جي آڙ ۾ ڊاڪٽرن کي ٿريڊ ڏيڻ برادشت ڪونه ڪبو ، اسپتال اندر رينجرز جي گشت ڪرائي ويندي، امتياز شيخ جي ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ. تفصيل موجب : ڪالھ پ پ پ ايم پي اي امتياز احمد شيخ گورنمينٽ آر بي يو ٽي  سول اسپتال شڪارپور پهچي وارڊن جو معائنو ڪيو ۽ ڊاڪٽرن سان اجلاس پڻ ڪيو ، ان موقعي تي سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر منصور ميمڻ ، ڊاڪٽر جهانگير شيخ، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر قاضي خورشيد، ڊاڪٽر عبدالرشيد ابڙو، تاج ٻرڙو به موجود هئا ، امتياز احمد شيخ اسپتال جي مختلف وارڊن جو معائنو ڪيو، ڊائلاسسز ، ڊيٽنل ۽ ايڪسري ملازمن جي کوٽ آهي ڊي ايڇ او قاضي خورشيد طرفان ايم پي اي کي آگاهي ، ايم پي اي  امتياز شيخ طرفان سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر منصور ميمڻ کان پڇاڻو ، ايڪسري ٺيڪ ڇو نه ٿو ڪرايو وڃي، ڊائلاسسز 6 سالن کان ڇو بند آهي مرده خاني جي حالت ڇو خراب آهي ۽ ٻيا مسئلا پڇڻ تي ايم ايس طرفان وضاحت ڪئي وئي ته اڳ ۾ سهولت نه هنيو نظام ئي خراب آهي ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان منهنجي ڳالھ ڪوئي نه ٿو مڃي ۽ ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، ڊاڪٽر رشيد احمد ابڙي دانهيو ته پيراميڊيڪل وارا ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ،  ٻي طرف ايم پي اي امتياز احمد شيخ وارڊن جي معائني دوران مريضن ۽ مرضن سان آيل وارثن جا مسئلا ٻڌا ، ايم پي اي امتياز شيخ طرفان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شڪارپور جي عوام کي تحفو ڏبو اسپتال اندر دل جو وارڊ ، اکين جي علاج لاءِ وارڊ ۽ ڊائلاسسز جي نئين وارڊ جي شروعات ڪئي ويندي ۽ آرٿوپيٽڪ جو وارڊ به شروع ڪيو ويندو، جيڪي مشنيون خراب آهن اهي ٺيڪ ڪرايون وينديون گنگا ٻائي اسپتال ۾ او ٽي جو ڪم شروع ڪرايو ويندو تاڪي عورتن کي سهولت ملي سگهي،  ڪجھ ڏينهن اندر اسپتالون اي جي اوز حوالي ڪيون وينديون ۽ عملي کي مڪمل پابند ڪرايو ويندو جيڪي يونين جي آڙ ۾ ڊاڪٽرن کي ٿريڊ ڏين ٿا اهي سڀ دادگيرون ختم ڪرايون وينديون اسپتال اندر رينجرز جو گشت ڪرايو ويندو ، ايڪسري مشينون ٺيڪ ڪرايون وينديون سول اسپتال جي عملي مان جيڪو غير حاضر رهيو ته اهڙي شڪايت وزير اعلى کي ٻڌائي کين غير حاضر رهندڙ جي موڪل ڪرائي ڇڏبي  گهر ويٺي پگهارون کڻندڙ کي گهر ئي وهڻو پوندو ڪو به ڏاڍو ملازم نه آهي جو حڪومت سان مهاڏو اٺڪائي، حڪومت ۾ سختي اچي وئي آهي  ٻي طرف ڊاڪٽرن سان ٿيل اجلاس ۾ ڊاڪٽرن جا مسئلا ٻڌا، اي پي اي طرفان  ايم ايس کي هدايت ڪئي وئي ته مرده خاني جي حالت ٺيڪ ڪئي وڃي ، اسپتال اندر ڊاڪٽر توڙي ٻين ملازمن جي حاضريءَ کي يقين بنائڻ لاءِ ڊاڪٽرن تي مشتمل هڪ ٽيم ٺاهي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *