سنڌ نيشنل پارٽي سنڌ جي نئين گورنر محمد زبير جي مقرري کي رد ڪري ڇڏيو

February 2, 2017 at 1:15 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي(پ ر) سنڌ نيشنل پارٽي سنڌ جي نئين گورنر محمد زبير جي مقرري کي رد ڪندي چيو ته  وفاقي حڪومت جي ان فيصلي سان صوبن وچ ۾ نفرت وڌنڌي جيڪو عمل انتهائي افسوس ناڪ عمل آھي.اهڙو اظھار سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين شاد کوسو. پروفيسر سچل ڪلوڙ.ڊاڪٽر مجاهد اعواڻ. الطاف مهر. احمد سومرو ۽ ٻين پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ نواز ليگ جي وفاقي سرڪار پاران محمد زبير کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪرڻ واري فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته  پنجاب سان تعلق رکندڙ محمد زبير کي سنڏ جو گورنر مقرر ڪرڻ  واري فيصلي سان واضع ٿي ويو آھي ته پنجاب پاڻ کي فاتح سمجهي سنڌ سان غلامن وارو سلوڪ ڪيوآھي. هنن چيو ته وفاق جي دعويدار نوازليگ جي ان فيصلي سان ظاهر ٿيو ته نواز ليگ وفاقي نه پر پنجاب جي پارٽي آھي.هنن چيو ته نواز ليگ  پنجاب نوازي ڪري احساسي محرومي ۾ ورتل  ننڊن صوبن کي ديوار سان لڳائي رهيوآھي.جنهن عمل جا انتهائي خطرناڪ نتيجا نڪرندا.هنن وڌيڪ چيو ته پنجاب سان تعلق رکندڙ محمد زبير جي گورنر جي مقرري تي سنڌين جي ووٽن تي چونڊيل پيپلز پارٽي جر سنڌ سرڪار جي مجرماڻي خاموشي به مذمت لائق آهي.

اي پيپر