ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي شرجيل ميمڻ ۽ اويس مظفر جي هلندڙ سيشن ۾ موڪلن جون درخواستون منظور ڪيون ويون. اجلاس دوران شراب، ترقياتي ۽ منصوبن ۾ دير بابت ڳالهيون ٻڌيون ويون. متحده قومي موومينٽ جي ميمبر نائلا منير ملير 15 جي فلاءِ اوور جي تعمير ۾ دير تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ايوان ۾ پيش ڪيو. هن چيو ته فلاءِ اوور جي تعمير ۾ دير سبب عوام کي ڏکيائيون آهن. جواب ۾ مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شوري چيو ته پل جو افتتاح ٿي چڪو آهي، عظيم پوره سيڪشن ري ريلوي ڪوارٽر ۽ مسجد سبب ڪم دير جو شڪار ٿيو. ان کان اڳ ايم ڪيو ايم جي ميمبر نديم رازي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي چيو ته مسلم اڪثريتي علائقن ۾ شراب جا دڪان کليل آهن، ان جي گهر جي ويجهو ئي شراب خانو قائم آهي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ ته شراب جي هوم ڊليوري به جاري آهي. جواب ۾ نثار کهڙي چيو ته شراب جا دڪان ڪنهن قانون قاعدي تحت ئي کليل هوندا توهان دڪان جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ اطلاعن موجب اهو ٻن سالن کان بند