ڪارروائي ٿيندي ته پاڪستان جي سنجيدگي جي خبر پوندي: ڀارت جي ڌمڪي

نئين دهلي (اين اين آءِ)ڀارت جي پرڏيهي وزارت تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيستائين پاڪستان صحيح معنيٰ ۾ شدت پسند ماڻهن جي خلاف ڪارروائي نه ڪندو تيستائين اهو يقين ڪرڻ مشڪل ٿيندو ته هو دهشتگردن جي خلاف واقعي سنجيده آهي پاڪستان صرف حافظ سعيد کي ئي نه پر ٻين دهشتگردن کي به پناهه ڏيئي رهيو آهي جيڪڏهن پاڪستان تي هر طرف کان دٻاءُ وڌندو ته هو انهن ماڻهن جي خلاف صحيح معني ۾ ڪارروائي ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيندو پرڏيهي خابرو اداري موجب پرڏيهي وزارت جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان حافظ سعيد کي پهريان به اهڙي طرح نظربند ڪيو هو ممبئي حملي جو اصل جوابدار ۽ پاڪستان جي ڌرتي کان انڊيا ۾ دهشتگردي واريون ڪارروايون ڪندڙ تنظيمن جي خلاف صحيح معنيٰ ۾ سخت ڪارروائي مان اهو ثابت ٿيندو ته پاڪستان دهشتگردي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ واقعي سنجيده آهي. جيڪڏهن پاڪستان کي هر طرف کان دٻءُ پوندو ته هو اهڙن ماڻهن جي خلاف صحيح معنيٰ ۾ ڪارروائي لاءِ مجبور ٿي ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *