14 سالن جي عمر ۾ مائيڪل جيڪسن جي نياڻي سان لڄالٽ جو انڪشاف

February 2, 2017 at 12:46 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

واشنگٽن (اين اين آءِ) آمريڪا جي مشهور سپر اسٽاف مائيڪل جيڪسن جي ڌيءَ پئرس جيڪسن پهريون ڀيرو جرئت جو مظاهرو ڪندي اعترف ڪيو ته هڪ اڻڄاتل سخص ان وقت ان جي لڄالٽ ڪئي هئي جڏهن ان جي عمر 14 سالن جي هئي  پرڏيهي خابرو اداري کي انترويو ۾ هن ٻڌايو ته والد جي وفات ان جي زندگي ۽ صحت تي وڏا نفسياتي اثر ڇڏيا 2009 ۾ ان جي والد جي پراسرار موت کان پوءِ هو مسلسل ڪيترن ئي سالن تائين ذهني پريشاني جو شڪار رهي اآهي هن پنهنجي راز جي باري ۾ پڇيل سوال جي جواب ۾ پئرس جيڪسن چيو ته مان ان افسوسناڪ واقعي جي تفصيل ۾ نٿي وڃڻ چاهيان پر اهو واقعو منهنجي زندگي ۽ منهنجي ذات لاءِ وڏو ڏک وارو هو هن چيو ته مان ان واقعي جي وقت اهو فيصلو ڪيو هو ته ان واقعي جي باري ۾ ڪڏهن به ڪنهن سان ڳالهه نه ڪندس ڇو ته ان واقعي سان مان وڏي پريشان هيس هن چيو ته هو پنهنجي دوستن سان ڊيلنگ جي صلاحيت به وڃائي ويٺي هئي ۽ وڏڙن جي پيروي ڪري رهي هئي هن ٻڌايو ته ذهني ۽ نفسياتي پريشانين کان نجاد حاصل ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻو پيو نفسياتي ڊاڪٽر مدد نه ڪن ها ته ان لاءِ اڪيلو ان ڏکيائي مان نڪرڻ ممڪن نه هجي ها.

اي پيپر