ڪراچي (اين اين آءِ) بنگلاديش وڃڻ واري پاڪستان فلم انڊسٽري جي ماضي جي مشهور اداڪاره شبنم پنهنجي پٽ روني گوش سان گڏ 9 فيبروري تي پاڪستان جي دوري تي اچي رهي آهي بنگلاديش منتقل ٿيندڙ پاڪستان جي ماضي جي مشهور اداڪاره شبنم پنهنجي پٽ سان گڏ 9 فيبروري تي پاڪستان اچي رهي آهي. ان کي ان دوري جي دعو ان کي ايندڙ مهيني آڪسفورڊ پاران ٿيندڙ لٽريچر فيسٽيول ۾ شرڪت لاءِ خاص طور تي دعوت ڏني ويئي آهي. شبنم ڪراچي کان سواءِ لاهور به ويندي. ٽن سالن کان اڳ به پاڪستان جي دوري تي ائي هئي ۽ ان سان گڏ ان جو گهروارو روبن گوش به هو. جڏهن ته ڪراچي ۾ ان جي اعزاز ۾ مختلف تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو هو پر گذريل سال ان جو گهروارو لاڏاڻو ڪري ويو هو ۽ پنهنجي گهرواري جي لاڏاڻي کان پوءِ هو پهريون ڀيرو پاڪستان اچي رهي آهي.