مدن جماڻيءَ جي موڪلاڻي!
February 2, 2017 at 12:28 amمير اعظم ٽالپر
فن ۽ فنڪار ڪنهن ٻولي يا سرحد جو محتاج نه هوندو آهي. هُو ته هڪ پکيءَ جيان اڏامندڙ آزاد هوا آهي، جنهن کي ڪنهن زبان يا بارڊر سان ڪو واسطو نه آهي. فن ته ڪا به زبان نٿو رکي، ان جي ڪا خاص ٻولي نه آهي، ان ڪري ته انگريز خميسي خان جي الغوزي ٻڌڻ شرط ناچ ڪندا هئا. سنڌ جي سرزمين ڪيترائي اڻ مٽ فني دنيا کي فنڪار ڏنا آهن، ورهاڱي کان اڳ ڪراچي ۾ هڪ ٻار 21 ڊسمبر 1934ع تي ڄائو ۽ ملڪ جي ورهاڱي کانپوءِ ڪيترائي انسان لڏپلاڻ ڪري هيڏانهن ۽ هوڏانهن هليا ويا ۽ هليا آيا.
هتان ڇڏي ويندڙن ۾ کوڙ سارا ادب، فلم سان لاڳاپيل انسان لڏي ويا، جن ۾ اهو 21 ڊسمبر 1934ع ۾ ڄاول ڪراچي وارو ٻار به شامل هو، يعني مدن جماڻي جنهن جي فني زندگي جو سفر سنڌ ۾ ڪراچي کان ئي شروع ٿيو ۽ هن مئٽرڪ به پاس ڪئي، ان کانپوءِ هندستان ۾ سنڌي رنگ منچ جي اشد ضرورت بڻجي ويو. مدن جماڻي هندستاني سنڌي فلم انڊسٽري ۽ اسٽيج جو مايه ناز شخص هو، جيڪو فني دنيا ۾ 50 ڏهاڪن تائين پنهنجي ڌاڪ جو وارو وڄائي ڪالهه ممبئي ۾ (چلاڻو ڪري) انتقال ڪري ويو.
ڀارت ۾ سنڌي رنگ منچ جو بي تاج بادشاهه مايه ناز اداڪار، هدايتڪار ۽ ليکڪ هو، جيڪو ننڍي عمر کان آخر تائين فن سان جڙيل هو.
هن پنهنجي فني زندگي ۾ هدايتڪاري ۽ اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ کانسواءِ اسٽيج جي دنيا ۾ سنڌي ناٽڪن کي زمين تان آسمان جي چُوٽي تائين پهچايو. هن جي فني سفر ۾ ڪڏهن به گهٽتائي نه آئي، پر مدن جماڻي جي طويل ۽ ڊگهي سفر دوران هو سنڌي کانسواءِ هندي، گجراتي ۾ 50 کان مٿي ڊراما (ايڪا نڪي) ۽ (ٽه فصلن) ڪري چڪو آهي. هن سان گڏوگڏ آل انڊيا ريڊيو (آڪاشواڻي) جي ڊرامن ۾ حصو ورتو ۽ تحرير به ڪيا. مدن جماڻي هندستان جي پهرين رنگ سنڌي فلم سئنيما اسڪوپ ’هل ته ڀڄي هلون“ 1983ع ۾ بطور هدايتڪار ٺاهي، جيڪا پوري سنڌي هندستاني ايراضي ۾ شاندار ڪامياب رهي. مدن جماڻي پهريون سنڌي هدايتڪار هو، جنهن هندستان جي مايه ناز گلوڪاره لتا منگيشڪر کان پهريون سنڌي گانو ”منهنجا سپرين“ ڳايو، هن فلم جي وي سي ڊي به دستياب آهي. ان کانسواءِ هن ٻين سنڌي فلمن جهڙوڪ ”هو جمالو“، ”سنڌو جي ڪناري“، ”نقلي شان“، ”جهولي لال“، ”شل ڌيئر نه ڄمن“ ۾ پنهنجي فن جو زبردست مظاهرو ڪيو. مدن جماڻي تازو سنڌ جي عظيم هستي ”وتايو فقير“ تي به هڪ ٽيلي فلم ٺاهي هئي.
بهرحال فن ۽ فنڪار ۾ ’فن‘ ته زنده رهي ٿو، پر فنڪار گذاري وڃي ٿو. ائين ڪالهه سنڌ ڄائو مدن جماڻي 80 سالن جي ڄمار ۾ 50 سالن جو فني سفر مڪمل ڪري هميشه هميشه لاءِ هند ۾ خاموش ٿي ويو. سندس وفات تي هندستاني سنڌين، فلمي ۽ ادبي حلقن ۽ هستين افسوس جو اظهار ڪيو، تن ۾ سنڌالاجي آديپور ڪڇ جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ڪمل نهلاڻي، دهلي جي وينا شرنگي، احمد آباد جو نيوز ڪاسٽر امل آهوجا ۽ ٻيا سندس آخري رسمون رام، رام ست هي جي نعرن سان (ڪالهه) ممبئي ۾ ادا ڪيون ويون.
***