غريب ماڻهن جي معاشي سگهه ختم ڪندڙ حڪومتي قدم!

February 2, 2017 at 12:27 am

ماضي جيان موجوده حڪومت عوام جي خوشحالي، روزگار جي فراهمي ۽ معاشي ترقي لاءِ هر آئي ڏينهن نيون ڳالهيون ۽ وڏيون دعوائون ته ڪندي رهي ٿي، پر خبر ناهي ته ان جا فائدا ڪڏهن سامهون ايندا. هڪ پاسي ملڪ اندر غربت جي شرح وڌي رهي آهي، روزگار جا ذريعا گهٽبا وڃن پيا ۽ عوام عام واهپي جي استعمال ۾ ايندڙ شين جا اگهه وڌڻ ڪري مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيسچي رهيو آهي ته ٻئي پاسي حڪومتي پاليسين جو اهو حال آهي جو اها هر نئين ڏينهن ڪو نه ڪو اهڙو اعلان ڪندي رهندي آهي، جيڪو ماڻهن مٿان وڄ جيان اچي ڪڙڪي ٿو، جيئن اڳ هر مهيني پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ واڌ يا گهٽتائي ڪئي ويندي هئي، پر هاڻ ته هر پندرهين ڏينهن پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ تبديلي جي پاليسي جوڙي عوام کي نفسياتي طور تي بي چين ۽ پريشان ڪيو پيو وڃي، هن ڀيري به ڪالهوڪي اخبارن ۾ اها خبر نمايان نظر آئي ته اڄ پهرين فيبروري کان پيٽرول جي اگهن ۾ ڪئي ويندي، ان ڏس ۾ اوگرا پاران تيل جي اگهن ۾ واڌ جي جيڪا سمري حتمي منظوري لاءِ پيٽروليم وزارت ڏانهن اماڻي، تنهن ۾ سفارش ڪئي وئي ته پيٽرول جو في لٽر اگهه 4 رپيا 16 پئسا، لائيٽ ڊيزل 12 رپيا 53 پئسا، گاسليٽ 16 رپيا 71 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل ساڍا 4 رپيا 29 پئسا مهانگو ڪيو وڃي، جڏهن ته ايڇ او بي سي جي قيمت ۾ 12 رپيا 47 پئسا واڌ ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي.

هڪ پاسي حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ جو ڪارڻ پيش ڪري تيل جي اگهن ۾ اضافو ڪري ٿي ته ٻئي پاسي تيل جا اگهه اڃا وڌن ئي مس ٿا ته ڪاروباري ۽ منافعي بخش ڪمپنين کي مال ڪمائڻ جو وارو ملي وڃي ٿو، جيئن ئي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ٿئي ٿو ته واپارين کي عام واهپي جي شين جا اگهه وڌائڻ ۽ ٽرانسپورٽرن کي ڀاڙا ٻيڻا ڪرڻ جو جواز ملي وڃي ٿو، ڄڻ ته حڪومت رڳو پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ هر پندرهين ڏينهن تبديلي آڻي پنهنجو بار لاهي ڇڏي ٿي ۽ سندس مينڊيٽ ۾ ڄڻ ڀاڙن ۽ عام ماڻهن جي روزاني استعمال ۾ ايندڙ شين جي اگهن تي نگراني ڪرڻ شامل ئي نه هجي، اصل ۾ حڪومت جي انهيءَ لاپرواهي ۽ ڪوتاهي جي ڪري ئي ڪاروباري طبقو، ٽرانسپورٽ مافيا ۽ پيٽرول وڪرو ڪندڙ ڊيلرن جون من مانيون جاري رهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته انهن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي، ڀلا اِهي مافيائون پاڻ حڪومت ۾ هجن ته انهن کان ڪير پڇاڻو ڪري سگهندو؟!

مهانگائي جي هن دور ۾ عوام لاءِ ٻن ويلن جي ماني کائڻ به ڏکيو آهي، مٿان وري گاسليٽ جي اگهه ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي سان غريب ماڻهن جي چلهه اجهامي ويندي، هِن جديد دور ۾، جتي دنيا ترقي ڪري سوڪڙجي گوبل وليج بڻجي چڪي آهي، هزارين ميلن جا سفر ڪجهه ڪلاڪن ۾ طئي ڪيا وڃن ٿا، ست سمنڊ پار ماڻهو هڪٻئي سان آمهون سامهون ٿي ڪري ڪچهريون ڪچن ٿا، ان هوندي به اسان جي ملڪ ۾ غربت ان انتها تي پهتل آهي جو اڄ به ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ غريب ماڻهو گاسليٽ استعمال ڪري پنهنجي چُلهه ٻارين ٿا ۽ مشڪلن سان کاڌ خوراڪ تيار ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪن ٿا، مٿان وري اوگرا پاران ان جي اگهه ۾ هڪدم  16 رپين تائين واڌ جي سفارش محسوس اهو ڪرائي ٿي، ڄڻ ته اوگرا ڪا آسماني مخلوق هجي، جنهن کي شايد اهو احساس به ناهي ته ڪنهن غريب ماڻهوءَ لاءِ پيٽ جي بُک ڇا هوندي آهي.

بهرحال، اسين سمجهون ٿا ته پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ هڪدم اضافو يا ان لاءِ تجويز ڪيل اگهه غير مناسب آهن، هلندڙ سال جي شروعات ۾ جنهن چالاڪيءَ سان ڪم ورتو ويو، ان کان عوام چڱي ريت آگاهه آهي، ان وقت جهڙي ريت پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ واڌ نه ڪري عوام کي خوش فهمي ۾ رکيو ويو ۽ چند ڏهاڙا گذرڻ بعد عوام کي پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ واڌ جو تحفو ڏئي حڪومت پنهنجي دلي مراد پوري ڪئي، سا يقينن غريب ماڻهوءَ جي معاشي واڌ ويجهه ۾ ديوار جيان وڏي رڪاوٽ ثابت ٿي رهي آهي، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪري اهڙا قدم کڻي، جيڪي غريب عوام جي معاشي سگهه ختم ڪرڻ جو ڪارڻ نه بڻجن.

اي پيپر