شاهد آفريدي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ جي اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي چيو آهي ته هن کي جيتري انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏڻي هئي هو کيڏي چڪو آهي، هاڻي ٽي ٽوئنٽي ليگز ئي کيڏندو. اڳوڻو ڪپتان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ تان اڳ ئي رٽائر ٿي چڪو آهي، رڳو ٽي ٽوئنٽي ميچز ۾ ملڪ جي اڳواڻي ڪندو رهيو آهي. ڄاڻايل فارميٽ ۾ به هن پنهنجي آخري ميچ ڀارت خلاف گذريل سال مارچ ۾ ورلڊ ڪپ دوران کيڏي هئي. ڪراچي يونيورسٽي ۾ هڪ تقريب دوران ڳالهائيندي بوم بوم آفريدي چيو ته اڳوڻي ڪپتان عمران خان طرفان سندس فٽنيس جي تعريف جو مطلب آهي ته هو وڌيڪ کيڏي سگهي ٿو، پر هو جيتري انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏي پئي سگهيو کيڏيو، هاڻي ٽي ٽوئنٽي ليگ ڪرڪيٽ جا مزا وٺڻ چاهي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *