عالمي برادري فلسطين جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري؛پاڪستان

January 31, 2017 at 11:50 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(برورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته فلسطين مان اسرائيلي آبادي کي ٻاهر ڪڍڻ جي حمايت ڪريون ٿا، پاڪستان فلسطين جي هميشه حمايت جاري رکندو. وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات کان پوءِ نواز شريف ۷ فلسطيني صدر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ۱۹٦۹ع جي فلسطيني سرحدن کي بحال ڪيو وڃي، عالمي برادري فلسطين جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري، فلسطين جو مسئلو حل ڪرڻ کان سواءِ خطي ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. ان موقعي تي فلسطين جي صدر محمود عباس چيو ته پاڪستان جي مهمان نوازي پوري دنيا ۾ مشهور آهي ۽ وزيراعظم سان ملاقات تي خوشي ٿي آهي.

اي پيپر