ڇا ٽرمپ، آمريڪي عوام لاءِ پير تي ڪهاڙو ثابت ٿيندو؟

January 31, 2017 at 11:18 pm

چوڻي آهي ته پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب. اِها چوڻي آمريڪي عوام جي موجوده صورتحال سان بنهه ٺهڪي اچي ٿي. سپر پاور ملڪ جي باشعور عوام سياسي ڌارا مان نڪتل هڪ اعتدال پسند عورت تي، مغرور، ضدي، انتهاپسند ۽ غير سياسي شخصيت کي اهميت ڏئي صدارتي مسند تي ويهاريو، جنهن ايندي شرط ئي اهڙا اڳرا قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو، جيڪي آمريڪي عوام سان گڏ پوري دنيا لاءِ حيرت جو ڪارڻ بڻيا آهن. ٽرمپ انتظاميا هڪ ئي وقت دنيا جي ستن مسلمان ملڪن جي ماڻهن لاءِ آمريڪا جا دروازا بند ڪندي اُنهن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، جنهن سببان وڏي خلق کي ايئرپورٽن تان يا ته واپس اماڻيو ويو يا اُنهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. ساڍا تيرهن ڪروڙ ماڻهن لاءِ آمريڪي دروازا بند ڪرڻ واري حڪم تي جتي سڄي دنيا ارمان سان گڏ تعجب ۾ ورتل آهي، اُتي آمريڪي عدالتن به انهيءَ فيصلي کي ناپسنديده قرار ڏيندي، ٽرمپ انتظاميا جي پرڏيهين جي بي دخليءَ واري عمل کي روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي. گڏوگڏ عدالت گرفتار پرڏيهين جا تفصيل به گهري ورتا آهن.

چوندا آهن عقل واري لاءِ اشارو ڪافي هوندو آهي ۽ بي عقل لاءِ سئو مشاهدا به ڪا معنيٰ ناهن رکندا. خوشفهمين جي تلاءَ ۾ تڙڳندڙ ٽرمپ لاءِ عدالت وارو فيصلو آئينو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي ارادن ۽ قدمن جي نتيجن جو عڪس پسي، مستقبل لاءِ رٿيل اڳرن قدمن کان پاسو ڪري سگهي ٿو، پر جيڪڏهن هُن ائين نه ڪيو ۽ پنهنجي پاليسين کي جيئن جو تيئن برقرار رکيو ته پوءِ هڪ ڏينهن آمريڪي عوام کي پنهنجي فيصلي تي پڇتائڻو پوندو. ڇو ته آمريڪا فقط مسلمان ملڪن لاءِ دروازا بند نه پيو ڪري پر اُهو دنيا جي ٻين طاقتور ملڪن سان به اُچائي رهيو آهي، جن مان سرفهرست چين آهي. امريڪا ۽ چين وچ ۾ ڏاکڻي چيني سمنڊ تي اختلاف چوٽ چڙهندا وڃن پيا. ان حوالي سان عالمي خابرو ادارن رپورٽ ڪيو آهي ته چين جي فوجي اختيارين ڏاکڻي چيني سمنڊ تي آمريڪا جي موقف جو جواب پنهنجي ويب سائيٽ تي ڏنو آهي، جنهن پٽاندر چيني فوجي اختيارين چيو آهي ته آمريڪا جي نئين انتظاميا جو تڪراري ٻيٽن ۽ ڏاکڻين چيني سمنڊ بابت اهو ئي رويو رهيو ته آمريڪا سان جنگ اڻٽر هوندي. هُنن چيني حڪومت کي پڻ مشورو ڏنو آهي ته ٻيٽ نما ڪوريا جي حفاظت لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ اُتي ڳرا هٿيار نصب ڪيا وڃن. واضح هجي ته آمريڪا اڳ ئي اُتي پنهنجا ٻيڙا بيهارڻ کان علاوه هندستان سان فوجي اڏا استعمال ڪرڻ جي معاهدن ۾ رڌل آهي.

جيتوڻيڪ اهو سڀ ٽرمپ جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ئي ٿي رهيو هو پر ٽرمپ جي سخت پاليسين سبب اُن ۾ ويتر تيزي ۽ شدت جو امڪان آهي، جنهن جا مستقبل ۾ ڪي اُڳرا نتيجا به نڪري سگهن ٿا. حقيقت اها آهي ته آمريڪي عوام ٽرمپ جي صورت ۾ پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو وهائي ڪڍيو آهي. جيڪڏهن ٽرمپ جا قدم مستقبل ۾ جيئن جو تيئن رهيا ته پوءِ آمريڪي عوام لاءِ سڄي دنيا ۾ پاڻ مرادو پابندي لڳي ويندي. ڇو ته اِهو فطري عمل آهي، جڏهن اوهان ڪنهن ٻئي لاءِ پنهنجا دروازا بند ڪريو ٿا ته ردعمل ۾ اڳيون به اوهان لاءِ پنهنجا دروازا بند ڪرڻ جو سوچيندو ۽ ائين اڳتي هلي جيڪڏهن دنيا جا مُلڪ هڪ هڪ ٿيندا آمريڪا کان پاسيرا ٿيڻ شروع ٿيا ته پوءِ سپر پاور پنهنجي حيثيت وڃائي هيڪلو ٿي ويندو، جيڪا ڳالهه ڪنهن به ريت آمريڪا توڙي اُتي جي عوام جي حق ۾ بهتر نه هوندي.

 

سياست هوا ۾ لٺين جو نانءُ ناهي!

 

هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پوري دنيا ۾ امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران 7 ملڪن جي شهرين تي آمريڪا اچڻ تي پابنديءَ خلاف مظاهرا ٿي رهيا آهن، تڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي اُن بيان تي دنيا حيران آهي، جنهن ۾ هُن پاڪستاني شهرين جي لاءِ امريڪا ۾ پابندين جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. ساهيوال ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته دُعا ڪريان ٿو ته ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستانين جي ويزا بند ڪري. هُن پنهنجي انهيءَ خواهش جي اڳيان هلي پاڻ ئي وضاحت ڪندي چيو ته مان اِهو اِن ڪري ٿو چاهيان ته جيئن ايئن ٿيڻ کان پوءِ اسان پنهنجي مُلڪ کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون.

عمران خان اِهو سڀ ڪهڙي به نيت سان چيو هُجي، پر ڪو به باشعور اُن کي چڱو عمل نه ڪوٺيندو. شايد ته مسلسل ناڪامين کانئس اهڙي خواهش جو اظهار ڪرايو آهي، نه ته ڪو نادان ئي اِئين سوچي سگهي ٿو ته ڪو اچي اسان جي گهر کي باهه لڳائي ته جيئن اسين ٻيهر پنهنجي گهر جي مرمت ڪرائي سگهون.

سياست هوا ۾لٺين جو نانءُ ناهي، پر اُها سوچ، سمجهه ۽ ادراڪ جي گهرجائو هُجي ٿي. اهڙي قسم جون هوائي ڳالهيون ڪري سياستدانن کي پنهنجي اهميت نه وڃائڻ گهرجي. اِهو سڀ اصل ۾ اِن ڪري به آهي جو هينئر سياست پنهنجي اهميت ۽ افاديت وڃائي فقط مفادن جي حاصلات تائين محدود ٿي وئي آهي. جيڪڏهن اڳ جيان اسٽڊي سرڪلس، ليڪچر ۽ پروگرامن کي اهميت ڏني ويندي هجي ها ته هوند اهڙي کل جوڳي اظهار کان بچي سگهجي ها. تنهن ڪري اسين اِهائي صلاح ڏينداسين ته سياست کي سکڻ ۽ پرکڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ورتيون وڃن.

اي پيپر