سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي، نيب اسحاق ڊار جي معافي بابت رڪارڊ جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو)پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب سپريم ڪورٽ ۾ اسحاق ڊار جي معافي بابت رڪارڊ جمع ڪرائي ڇڏيو. جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ ٿيندڙ ٻڌڻي دوران نيب مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار جي معافي جو رڪارڊ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو. نيب جي رڪارڊ مطابق ۲۰ اپريل ۲۰۰۰ع ۾ اسحاق ڊار معافي جي درخواست ڏني هئي، جنهن کي نيب ۲۰۰۱ع منظور ڪيو هو، جنهن کان پوءِ اسحاق ڊار جي وڪيل دليل ڏنا، جنهن تي جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسحاق ڊار کي مڪمل معافي ڏني وئي آهي ۽ وعدا معاف گواهه بڻجڻ کان پوءِ اسحاق ڊار جو بيان ان خلاف نه پر وزيراعظم خلاف استعمال ٿي سگهي ٿو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *