وقت کان اڳ ٿيندڙ ڪم!

January 30, 2017 at 12:05 am

مير اعظم علي ٽالپر

دنيا ۾ ڪيترائي ڪم ڪڏهن وقت کان اڳ ٿي ويندا آهن ته وري ڪي ڪم وقت کانپوءِ ٿيندا آهن، ان ڪري ٻنهي حالتن ۾ سٺي ڪم جي اهميت نه رهندي آهي. هي 1971ع جي ڳالهه آهي، جڏهن فلمساز صفدر مسعود جي فلم ”تهذيب“ کي ڊائريڪٽر حسن طارق ٺاهيو هو ته ان ۾ ”اوڀر ۽ اولهه“ جي سماج کي فلمايو ويو هو، جنهن ۾ اداڪار شاهد مشرقي تهذيب بدران مغرب جي تهذيب کي پسند ڪندو آهي ۽ هو ان خاطر پنهنجي گهرواري (راني) کي به مغربي لباس ۽ ڪلب ۾ وٺي ايندو آهي ۽ فلم ۾ زمرد ۽ راني جا ڊانس اعتراض جوڳا هوندا آهن ۽ فلم جو هڪ گانو مهدي حسن جي آواز ۾ ”لگا هي مصر ڪا بازار“ ڏنو ويو هو، پر فلمساز صفدر مسعود ان زماني ۾ فلم مان اهو حاصل نه ڪري سگهيو، جيتري کيس مقبوليت باوجود ڪمائي جي اميد هئي، ان ڪري حسن طارق چيو ته ”هي فلم ’تهذيب‘ مون وقت کان اڳ ٺاهي آهي، ان ڪري عوام فلم کي بي حيائيءَ واري سمجهيو آهي. انهي فلم وانگر مون واري پاڙيسري مشتاق چنگيزي جي سنڌي فلم ”اچ ته ڀاڪر پايون“ (جيئن ته فلم جي نالي مان ئي ظاهر آهي، باقي فلم ۾ ڇا هوندو؟) ٺاهي ته عوام ان کي خاص موٽ نه ڏني ۽ مشتاق چنگيزي چيو ته مون فلم وقت کان پهرين ٺاهي آهي، تڏهن ناڪام ٿي. بهرحال 1971ع جي ”تهذيب“ ۽ ان کانپوءِ ”اچ ته ڀاڪر پايون“ ڪجهه سال اڳ ٺهن ها ته ضرور ڪامياب ٿين ها، ڇو ته اهو زمانو اهڙين فلمن جو هو، پر هاڻ ان کان به اڳتي نڪري ويو آهي، ڇو ته اڳ ۾ ڪلب ڊانس، ڪيپري ڊانس هوندو هو، پر هاڻي ”آئٽم نمبر“ آهي، ان ڪري اڳ واريون فلمون ان دور ۾ صرف ڊانس سبب فحاشي واريون سمجهيو وينديون هيون، پر هاڻ ڳالهه ٻي آهي. راقم کي هيءُ ڳالهه ’وقت‘ کان اڳ ۽ ’پوءِ‘ يعني دير سوير جي ان ڪري ياد آئي جو ڪجهه ڏينهن پهرين سنڌ اسيمبلي ۾ جيڪو ڪجهه وهيو واپريو وري تازو قومي اسيمبلي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو سو حالتن مطابق ٽن سالن ۾ گهڻو وقت اڳ ٿيڻ گهرجي ها. ڇو ته اها انساني تهذيب ۽ اسان جي چونڊيل نمائندن جي تاريخ آهي ته سڀ کان پهرين اسيمبلي لڙائي صوبي اوڀر پاڪستان ۾ 1955ع دوران ڍاڪا جي هال ۾ لڳي هئي، جنهن ۾ هڪ ميمبر (بنگالي) شهيد به ٿي ويو هو ۽ ان کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽو جي زماني ۾ مضبوط اپوزيشن جي ميمبرن کي ٽنگوٽالي ڪري ٻاهر اڇليو ويو هو.

عقل جا اڪابر چوندا آهن ته زمانو عقل هميشه ڏائي (کٻر) کُڙي ۾ هوندو آهي. سو به سج لهڻ کانپوءِ موڪلائي ويندو آهي. راقم ته انگريز ۽ انگريزي ٻولي کان ان ڏينهن بس ڪئي، جڏهن مياڻي ۾ ميرن ۽ انگريزن جي لڙائي جي بس ٿي هئي. ان ڪري اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن فرنگي سان ڪو ٺاهه نه آهي، ڇو ته ترقي لاءِ انگريزي ٻولي جو هئڻ لازمي نه آهي، ان کانسواءِ مسئلن کي مسئلو رهڻ ڏنو وڃي، ان لاءِ ’ڄنڊا پٽ‘ نه ڪرڻ گهرجي، ان کانسواءِ ”ڪيڏانهن منهن مريم جو ته ڪيڏانهن الهيار“. راقم وارو يار مولڻ موالي گهڻن ڏينهن کانپوءِ تازو ملڻ شرط ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويو ۽ منهنجين ترديدن باوجود هڪ زبان واحد ڪلام مرداني زبان چئي ڦٽل خراب ريلوي انجڻ وانگر اسٽيشن تي پڙ ڪڍي بيهي رهيو، مون کيس يقين ڏياريو ته هڪ سرڪاري ٽوئر تي ويو هئس ۽ ان جي ثبوت طور هر ضلعي مان واٽ ويندي حال احوال لکندو هئس، يعني ”يه اعجاز هي حُسن آوارگي ڪا، جهان پي گئي داستان ڇوڙ آئي.“ مولڻ موالي اهو ٻڌڻ شرط آپي کان نڪري ويو ۽ اکيون ڳاڙهيون ڪري چيائين ته سياستدانن ۽ ڪامورن جو دورو ڀلي ناڪام هجي، پر رڪارڊ ۾ سدائين ڪامياب لکيو ويندو آهي. مولڻ سنئون سڌو اهو به چئي ڏنو ته مان واٽ ويندي لکڻ بدران لکان ها ”رُلي ڪلهي تي ماني راڄن تي.“ هن اهو به چيو ته، ”جيئن سنڌي ڊرامن جي شوٽنگ ۽ رڪارڊنگ ڳوٺن ۾ اوطاقن تي مفت جي ماني، پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي“ تي ٿيندي آهي. پر ان سان شوقينن جي اڱڻ تي رونق به لڳي پئي هوندي آهي، ان کانسواءِ ڪارا ۽ اڇا چهرا ميڪ اپ کانپوءِ دلفريب پيا لڳندا آهن. هڪ عام پهاڪو آهي ته ”تُون به راڻي، آئون به راڻي، ڪير ڀري پاڻي.“ يعني پنجاب ۾ تحريڪ انصاف پاران وٺ وٺان هلندڙ هئي ته هاڻي پيپلز پارٽي به پنجاب حڪومت خلاف نئون محاذ کولي ڇڏيو آهي، ٻنهي مورچن تان عمران خان ۽ بلاول جا فائر شهباز مٿان ڪرپشن وغيره لاءِ ڪيا پيا وڃن. حالانڪه سنڌ ۾ ڪرپشن جو گراف ڪيتري سطح تي پهتل آهي، ان جي سڀني کي خبر آهي، پر تازو هيءَ خبر اڄوڪي عبرت (ڪالهه ڇنڇر 28 جنوري) 3 ڪالمن ۾ ڪراچي جي عيوضي طرفان آهي ته ”مڪاني ادارن واري کاتي ۾ 13 هزار ڀرتيون قانوني آهن، سنڌ سرڪار پاران جواب داخل. ڪافي ادارن ۾ سموريون ڀرتيون قانون موجب ڪيون ويون آهن، ڀرتين لاءِ اخبارن ۾ اشتهار به شايع ڪرايا ويا هئا. راقم جي خيال ۾ جيڪڏهن مڪاني ادارن ۾ ڀرتيون صحيح ۽ قانون مطابق آهن ته پوءِ يقين رکڻ گهرجي ته سنڌ جي تعليم کاتي ۾ به ٿيل ڀرتيون صحيح ۽ قانون مطابق هيون، انهن جا اشتهار به اخبارن ۾ شايع ڪرايا ويا هئا، پر فرق صرف ايترو آهي ته انهن ڀرتين واري کاتي جو وزير سائين پير مظهرالحق حڪومت ۾ نه آهي، جڏهن ته مڪاني کاتي وارو اڳوڻو وزير صاحب هن وقت به سنڌ سرڪار ۾ موجود آهي (اسپيڪر آهي) ان ڪري ان دور جا ڀرتي ڪيل سمورا استاد بحال ڪيا وڃن ته مناسب ٿيندو.

اڄڪلهه سردين ۽ سياري جي موسم آهي، آڳاٽي زماني ۾ هنن ڏينهن ۾ بابا مرحوم رات جو ٻاهر نڪري فجر وقت اوڀر طرف اشارو ڪري آسمان طرف ڏيکاريندو ۽ چوندو هو ته ”ڏسو (تارن جي هڪ ميڙ جنهن کي) ”ڀَٽون“ (وِڇون) ڏنگ ڪڍي رهيو آهي ۽ هاڻ سيارو ساڙ ڪندو ۽ ڇتا سيءَ پوندا رهندا ۽ رهاڻيون به ٿينديون، پر هاڻ اهو زمانو ئي نه رهيو آهي. پيءُ سوشل ميڊيا ۽ ٽوئيٽر ۾ قابو آهي ته پٽ موبائل تي مس ڪالون ڪري رهيو آهي ۽ ان کانسواءِ سياري وارو اهو جهڙ ۽ رُهيون نه رهيون آهن، جن لاءِ عام پهاڪو مال چاريندڙ ڌراڙن لاءِ مشهور هوندو هو. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اصل تي نقل حاوي پئجي ويو آهي ۽ هاڻي ان لاءِ اصل جي سڃاڻپ به مشڪل بڻجي وئي آهي، جيئن ملائشيا جي شهر ڪوالالمپور ۾ حڪومت شهر جي اندر هڪ هٿرادو جهنگلي ٻيلو ٺاهيو آهي، جيئن عام شهري ڪنهن جهنگ ۾ وڃڻ بدران ئي شهر جو شهر ۾ ٻيلو گهمي ڏسن ۽ جهنگ جو احساس ڪن. حالانڪه اهو هڪ فيشني ٻيلو شهر ۾ آهي، پر حقيقت ۾ اصل مٿان نقل غالب اچي ويو آهي. هي يادگيري راقم کي ان ڪري آئي جو سنڌ ۾ ڪجهه سالن کان سياري ۾ مچ ڪچهرين جو رواج هلندڙ آهي. حالانڪه آڳاٽي دور جي اوطاقتن ۾ مچ ڪچهرين ۽ اڄڪلهه وارين مچ ڪچهرين ۾ فرق آهي، اڳ واري زماني ۾ قدرتي اوطاق ۾ مچ ڪچهري ٿيندي هئي، هاڻي بنگلن ۾ باهه ٻاري هٿرادو کاڌو پيتو کائي، فيشني ڪچهري تپائي وڃي ٿي. حالانڪه ان ۾ به شاعر ۽ سگهڙ اچن ٿا، پر ان ۾ اصلي روح نه آهي.

اڄڪلهه سنڌ خاص ڪري حيدرآباد ۾ اسٽيج تي ميلن جي بهار کان اڳ ئي بهار آيل آهي. حيدرآباد ۾ ڪيترائي پروگرام رونق بخشي چڪا آهن، راقم جي پڳ مٽ يار مولڻ موالي چيو آهي ته آئينده حيدرآباد ۾ ”موالين جو ميلو“ منعقد ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ تمام موالي برادري کي ميلي ۾ شرڪت لاءِ پنهنجون سلفيون پاڻ سان گڏ آڻڻ گهرجن، جيئن اکين جا مريض آپريشن ڪئمپ ۾ موسم آهر بسترو پاڻ سان گڏ آڻيندا آهن. البته موالين کي ميلو مفت ڏسڻ لاءِ سهوليت فراهم ڪرڻ خاطر ”ٽڪيٽ معاف“ جو اڳواٽ اعلان پڻ ڪيو وڃي، جيئن موالي هن نئين ۽ جديد نوعيت جي ميلي ’موالي ميلو‘ کي ڏسي سگهن. ڇو ته ميلن تي ٽڪيٽ وٺڻ انتهائي غير مناسب آهي، ماضي ۾ ڪڏهن به ميلي تي ڪو ٽڪيٽ ورتل رڪارڊ موجود نه آهي. البته ٽڪيٽ ’سرڪَس‘ تماشي لاءِ هوندو آهي. ميلي ۽ سَرڪَس ۾ فرق رکڻ گهرجي. ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ، راقم جيڪڏهن ڪوڙ لکيو هجي ته!! ”ڪيئي مين جهوٽ بوليا“.

اي پيپر