پاڻي معاملي تي سنڌ جي دانهن ورنائي وڃي
January 30, 2017 at 12:04 amسنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڻي معاملي تي بحث دوران تقرير ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته ملڪ ۾ ون يونٽ پاڻيءَ جي مقصدن لاءِ لڳايو ويو هو، 1991ع واري پاڻي معاهدي جي رٿ تي ڳالهائيندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته رائو ڪميشن قبول ڪيو هو ته پاڻي جي معاملي ۾ سنڌ سان زيادتي ٿي آهي، جڏهن ته ريڊ ڪلف ايوارڊ جي رپورٽ ۾ به لکيل آهي ته جاگرافيائي حدن ۾ تبديليون ڪرڻ سان پاڻيءَ جي ورڇ تي فرق نه پوندو. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم جي معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته تعجب آهي ته وفاقي سطح تي اهو چيو پيو وڃي ته ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ضايع ٿئي ٿو، 1957ع کان وٺي 1976ع جي عرصي ۾ ڊائون اسٽريم ۾ 65 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ساليانو ڇڏيو ويندو هو، پر هاڻي 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي به نٿو ڇڏيو وڃي، هن چيو ته سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ 50 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ وڃڻ ضروري آهي. سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ ٻن انگريز چيف انجنيئرن پاران ڪيل معاهدي جو تت اهو هو ته سنڌ جي مرضيءَ کانسواءِ سنڌو درياءَ مٿان پاڻيءَ جو ڪوبه منصوبو يا ڊيم نه ٺهندو، اُن ٺاهه تحت سنڌ کي 75 سيڪڙو پاڻي ملي رهيو هو، پر بعد ۾ سنڌ جو پاڻيءَ کسيو ويو.
ڪو زمانو هو ته انڊس ڊيلٽا وارو علائقو دنيا جو خوشحال علائقو هوندو هو، کاروڇاڻ، ڪيٽي بندر ۽ شاهبندر ۾ سڄي دنيا جو ڪاروبار ٿيندو هو، پر ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۽ ڪوٽڙي بئراج ٺهڻ کانپوءِ انڊس ڊيلٽا جي تباهي شروع ٿي. لکين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ اڃا تائين اهو سلسلو جاري آهي،اڄ اُتي ويراني، تباهي ۽ بربادي جا منظر چٽي طرح نظر اچن ٿا. انڊس ڊيلٽا ۾ سنڌو درياءَ جو پاڻي نه پهچڻ سبب لکين انسان، آبي جيوت ۽ ٻيلا جيڪي لکين هيڪٽرز تي بيٺل هئا، اهي سخت متاثر ٿيا آهن، سمنڊ کي خشڪيءَ طرف وڌڻ کان روڪيندڙ تمر جا ٻيلا به هٿ سان تباهه ڪيا ويا آهن، جيڪو هڪ وڏو انساني الميو آهي، بدين ۽ ٺٽي جي سامونڊي پٽي جون اڍائي سئو کان وڌيڪ ديهون سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي، جنهن سبب ٻنهي ضلعن جي لکين ايڪڙ زمين سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي چڪي آهي، سنڌو درياءَ جي پڇڙي تائين دريائي پاڻي نه پهچڻ ڪري سمنڊ جو تيزيءَ سان اڳتي وڌڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ سرڪار ۽ ماحولياتي ادارن اڄ تائين ڪي به جوڳا قدم نه کنيا آهن، ان ڪري اهي خطرا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ سمنڊ پنهنجون تباهيون مچائي ٺٽي ۽ بدين کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي حيدرآباد ۽ ان کان اڳتي جي شهرن کي به پنهنجي لوڻياٺي پاڻي سان تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندو. سامونڊي پٽي وارن متاثر علائقن ۾ غربت، بيروزگاري، بک ۽ بدحالي ۾ وڏي پئماني تي واڌ ٿي آهي، زراعت، معيشت ۽ روزگار جا وسيلا مڪمل طور ختم ٿيندا پيا وڃن، پر افسوس ٿئي ٿو ته سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ وڏي عرصي کان هلندڙ انساني ۽ معاشي تباهي جي باوجود حڪومت، غريب عوام جي ووٽن تي چونڊيل نمائندا ۽ سماجي تنظيمن جي ڪَن تي جونءِ به ڪانه ٿي چُري. هِن وقت صورتحال اها آهي جو سنڌ جا ماڻهو پنهنجو درياءَ هوندي به گندو ۽ گٽرن وارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، پاڻي جا ماهر اهو ثابت ڪري چڪا آهن ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گھُربل مقدار ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب سمنڊ اڳتي وڌيو آهي ۽ 30 لک ايڪڙ ناياب زمين ڳڙڪائي ويو آهي. تحقيق مان پڻ اهو ثابت ٿيو آهي ته سنڌ جي جر جو پاڻي به صحت لاءِ مضر ٿي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته اُن ۾ وڏي مقدار ۾ سينکيو شامل آهي، جيڪو واپرائڻ سان هيپاٽائٽس سميت ٻيون بيماريون جنم وٺن ٿيون.
حڪومتي بي ڌياني ۽ ڪامورن جي ملي ڀڳت سبب مقامي توڙي ٻاهرين بااثر ٺيڪيدارن غريب ماڻهن جي غربت جو ناجائز فائدو وٺندي مختلف هنڌن تي ڪاٺ خريدڻ جون ڪئمپون قائم ڪري رکيون آهن، ڪيترن ئي سالن کان تمر جي وڻن کي وڍيو پيو وڃي، جتي روزانو لکين مڻ قيمتي ڪاٺ ڀڳڙن مُٺ تي ورتو پيو وڃي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو ماحولياتي گدلاڻ پکڙجي رهي آهي، انهن سڀني مسئلن جو بنيادي سبب سنڌو درياءَ جي پڇڙي تائين دريائي پاڻي نه پهچڻ آهي، اِها ڳالهه سوچيندي افسوس ٿئي ٿو ته سنڌي صدر ٿيڻ جي باوجود سنڌ جا مسئلا حل نه ڪيا ويا، اُن وقت جيترو زور مفاهمت تي ڏنو پئي ويو، ايتري اهميت سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ جي حاصلات ۽ مڪمل حصيداري کي ڏني وڃي ها ته اهو اهم معاملو ڪنهن حد تائين حل ٿي چڪو هجي ها، پر ائين نه ڪيو ويو، اهو ئي سبب آهي جو اڄ به پيپلز پارٽي کي اهي ميارون ملي رهيون آهن ته وفاق توڙي صوبن ۾ مڪمل طور تي اقتدار سنڀالڻ جي باوجود سنڌ جي وسيلن تي حقداري جا معاملا ڇو حل نه ڪيا ويا، انهن کي ترجيح ڇو نه ڏني وئي!
بهرحال، اڄ به سنڌ وفاق کان اهي مطالبا ڪري ٿي ته پنجاب سنڌ جي پاڻي معاملي تي زيادتيون بند ڪري، سنڌ کي پنهنجي حصي جو مڪمل پاڻي ڏنو وڃي ۽ فلڊ ڪئنالن کي هميشه لاءِ بند ڪري ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گهُربل پاڻي فراهم ڪيو وڃي، گڏوگڏ اقتدار ڌڻين کي گھرجي ته ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعن کي وڌيڪ تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ فوري طور تي تمر جي وڻن جي سار سنڀال لڌي وڃي ۽ انهن جي تحفظ لاءِ جوڳا اُپاءَ ورتا وڃن.