وزيراعظم پاڪستان جو آهي پر چيڪ اپ لاءِ پرڏيهه ويندو آهي، اسان کي نظام درست ڪرڻو پوندو:عمران خان

ساهيوال (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پاڪستانين جي لاءِ آمريڪي ويزائن تي پابنديءَ جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي، سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڊونالڊ ٽرمپ پاڪستانين جي لاءِ آمريڪي ويزا بند ڪري ڇڏيا ته اسان پاڪستان کي ٺيڪ ڪري وٺنداسين، ساهيوال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته ڊونالڊ ٽرم ستن اسلامي ملڪن جي شهرين کي آمريڪي ويزا ڏيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي جنهن ۾ ايران به شامل آهي جنهن جي بدلي ۾ آمريڪي شهرين تي پابندي لڳائڻ جي ڳالهه آهي ڇو ته هو هڪ خوددار ملڪ آهي، ٿي سگھي ٿو ته ايندڙ مرحلي ۾ آمريڪي صدر پاڪستانين جي ويزا تي پابندي لاڳو ڪري ۽ منهنجي دعا آهي ته آمريڪي صدر حقيقي معنيٰ ۾ اسان جا ويزا روڪي ڇو ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته اسان ملڪ کي ٺاهي وٺنداسين،  هن چيو ته هڪ ملڪ جو وزيراعظم هتان پيسا کڻي وڃي اربين رپين جي ملڪيت خريد ٿو ڪري، وزيراعظم پاڪستان جو آهي پر چيڪ اپ جي لاءِ پرڏيهه ويندو آهي، اسان کي سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو، هارين جي اهڙي مدد ڪيو جيئن ڀارت جي حڪومت ڪندي آهي، هن ملڪ جو مسئلو حڪمرانن جي ڪرپشن آهي، جن جي ڪري اسان جي بيعزتي ٿي رهي آهي، ڇا ماڻهو خيرات پنندڙن جي عزت ڪندا آهن. حڪمرانن جي ڪرپشن ملڪ کي تباهه ڪري رهي آهي.36

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *