اردو ڳالهائيندڙ پاڪستان سان گڏ آهن، ڪراچيءَ پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو: مصطفيٰ ڪمال

January 29, 2017 at 11:58 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي (م ڊ) پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان بيٺل بُتن کي ٽوڙي ڇڏيو، هاڻ جلسا نه عوام جا مسئلا حل ٿيندا. ڪراچي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ هو ته ڪراچي شهر ڪچري جو ڍير بڻيل آهي، روڊ رستا تباهه ٿي ويا آهن پر حڪمران ڏسي ڇڏين، ڪراچيءَ پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته هڪ ايم ڪيو ايم 22 آگسٽ کانپوءِ هلڻ جي لائق نه رهي، ايم ڪيو ايم باني عبرت جو نشانو بڻجي چڪو آهي، جڏهن ايم ڪيو ايم جو ذڪر ٿيندو، ان سان گڏ متحده باني جون حرڪتون به سامهون اينديون. مصطفيٰ ڪمال چيو ته جنهن اردو ڳالهائيندڙن کي خراب چيو، اهو پاڻ عبرت جو نشان بڻجي ويو، مهاجرن کي هنڌ هنڌ کپايو ويو، هاڻ اردو ڳالهائيندڙ پاڪستان سان گڏ آهن. هن چيو ته مون تي اسٽيبلشمينٽ جو الزام لڳايو ويو، مان الله جي اسٽيبلشمينٽ جو ماڻهو آهيان.27

اي پيپر