ضرورت پئي ته پاڪستاني، افغاني ۽ سعودين جي آمريڪا ۾ داخلا بند ڪبي: ڊونالڊ ٽرمپ

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ صحافي جي سوال ته پاڪستانين، افغانين ۽ سعودين جي آمريڪا اچڻ تي پابندي ڇو نه پئي لڳائي وڃي جو جواب ڏيندي چيو ته اسان ڪجھه ملڪن جو جائزو وٺنداسين، جيڪڏهن ٿورو به مسئلو ٿيو ته اهڙن ملڪن جي شهرين تي به پابندي لڳائينداسين، ٽرمپ جو چوڻ هو ته آمريڪا ۾ چند ملڪن جي ماڻهن جي داخلا محدود ڪرڻ تمام ضروري هئي ڇو ته دنيا هِن وقت خراب صورتحال مان گذري رهي آهي، هيءَ پابندي مسلمانن خلاف نه آهي، سندس چوڻ هو ته هيءَ پابندي مسلمانن بدران انهن ملڪن تي آهي جتي دهشتگردي عروج تي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *