ٺٽو (ڊ_ر) وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاه چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ رڪارڊ ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن جو فائدو عوام کي ٿيندو. هن چيو ته عوام کي آمدرفت جون بهتر سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ اڄ تقريبن 2.8 بلين روپين جي لاڳت سان نئين تعمير ٿيل ٺٽو ـ سجاول پُل جو افتتاح ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هن پُل جي تعمير سان ٿرپارڪر ويندڙ ڳرو ساز و سامان پهچائڻ سان گڏ هي پُل هيوي ٽريفڪ لاءِ پڻ استعمال ٿي سگھندي. وزير اعلي سنڌ چيو ته پ پ پ حڪومت ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ۽ عوامي خدمت جي بنياد تي عوام کان ووٽ گھرندي ۽ ڪامياب ماڻيندي. اهڙين ڳالهين جو اظهار هن سنڌو درياء تي نئين تعمير ٿيل ٺٽو ـ سجاول پُل جي افتتاح بعد منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.نئين تعمير ٿيندڙ ٺٽو ـ سجاول پُل چار لائنن تي مشتمل هڪ ڪلوميٽر ڊگھي ۽ ايڪهين مهينن جي مختصر عرصي ۾ تعمير ٿي آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير ورڪس سروسز امداد علي پتافي، صوبائي وزير فشريز ۽ لائيواسٽاڪ محمد علي ملڪاڻي، ايم پي اي رخسانه شاه، اڳوڻو صوبائي وزير صادق علي ميمڻ،ريحانه لغاري،معمود عالم شاه بخاري،ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد قاضي شاهد پرويز، سيڪريٽري انرجي آغا واصف، سنڌ ڪول اٿارٽي سميت ٻنهي ضلعن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزير اعليٰ سنڌ سيد مُراد علي شاه پُل جو باقائده افتتاح ربن ڪٽي ڪيو ان بعد هن گاڏي ۾ چڙهي پُل جو مڪمل جائزو ورتو. تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاه چيو ته هو پُل جي گھٽ عرصي ۾ تعمير تي انرجي ڊپارٽمينٽ، انجنيئرن ۽ ٻين واسطيدار عملدارن کي مبارڪباد ڏي ٿو