اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته گذريل ڏينهن ٿيندڙ واقعو افسوس ناڪ هو، حڪومتي ميمبرن ۽ مخالف ڌر ميمبرن غير پارلياماني لفظ استعمال ڪيا، جمعي جي ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ رولنگ دوران اسپيڪر اياز صادق چيو ته ايوان ۾ گذريل ڏينهن وارو واقعو تمام افسوس ناڪ هو، جنهن جي ذميواري ٻنهي ڌرين تي لاڳو ٿئي ٿي، حڪومتي ميمبرن ۽ مخالف ڌر غير پارلياماني لفظ استعمال ڪيا، اياز صادق جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن واري واقعي سان ايوان جو تقدس پائمال ٿيو، اسان سڀني تي پارليامينٽ جو احترام واجب آهي، اميد ٿو ڪيان ته ان قسم جا واقعا مستقبل ۾ پيش نه ايندا. ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته پارلياماني ميمبرن سان مشاور وسيلي ضابطا اخلاق وضع ڪيو وڃي جيئن اڳتي ان قسم جي صورتحال سان منهن ڏيڻو نه پوي