پاڪستان صرف اميرن جو آهي، ڊي آءِ جي رانا عبدلجبار به قتلام وقت موجود هو: طاهر القادري
January 27, 2017 at 11:39 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
لاهور(م ڊ)پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهرالقادري دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ڊي آءِ جي رانا عبدلجبار پاڻ لاهور ماڊل ٽائون ۾ ٿيندڙ قتلام جي نگراني ڪري رهيو هو ۽ ڪو به ايڪشن نه ورتو، ضروري ناهي ته قتلام ڪرڻ وارو به موقعي تي موجود هجي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويندو ۽ آئون خطاب ڪندس، ماڊل ٽائون لاهور جي شهيدن جي ڪيس جي پوئيواري ڪري انهن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هي ملڪ صرف اميرن جو آهي ۽ قانون به انهن جو آهي، جلد آئون واپس پاڪستان موٽي ايندس.