ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) رينجرز ڪراچيءَ جي علائقي لياريءَ ۾ ڪارروائي ڪري گينگ وار ۽ عزير بلوچ گروپ پاران لڪايل هٿيارن جو وڏو ذخيرو هٿ ڪري ورتو آهي، رينجرز ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته هٿيارن جو وڏو ذخيرو لياري جي هڪ خالي فليٽ ۾ لِڪايو ويو هو، ٻئي طرف رينجرز ڪلفٽن، ڪورنگي ۽ جمشيد ٽائون ۾ مختلف ڪارروايون ڪندي پنجن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، رينجرز ترجمان موجب گرفتار ٿيندڙن ۾ ٽي ٽارگيٽ ڪلر به شامل آهن، جوابدارن وٽان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن، ٻئي ڪارروائي لياريءَ جي علائقي نوالين ۾ ڪئي وئي جتان زمين ۾ دفن هٿيار جن ۾ ايس ايم جيز، جي ٿري رائيفلون، ڪلاشنڪوف، نائن ايم ايم جا پسٽل، درجنين ميگزين ۽ هزارين گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، رينجرز موجب ڄاڻايل هٿيار ڪراچي گينگ وار جا هٿياربندن جي استعمال هيٺ هو، ڄاڻايل هٿيار ڪراچيءَ ۾ بدامنيءَ جي لاءِ استعمال ٿيڻا هئا