موهن جو دڙو تي عالمي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جون تياريون عروج تي، 40 ملڪن جي ماهرن کي دعوت

January 27, 2017 at 1:32 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڏوڪري(عبدالجبار ميمڻ) موهن جو دڙو تي ايندڙ مهيني۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جون تياريون عروج تي پهتل۔ ثقافت کاتي طرفان 40 ملڪن جي ماهرن کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي ڪوٺ ڏني وئي۔ ڪانفرنس کان اڳ  موهن جو دڙو ريسٽ هائوس ڪئنٽين ۽ باغيچن جي نئين سر ڊزائن جوڙي باغيچن کي خوبصورت ڪرڻ جو ڪم تيزي سان جاري۔ شهيد ڀٽي طرفان 1974ع  ۾ ڪوٺايل عالمي ڪانفرنس کان پوء سنڌ حڪومت پاران هيء  ٻي وڏي عالمي ڪانفرنس هوندي۔ جنهن ۾ موهن جو دڙو کي بچائڻ لاء مختلف ملڪن جا ماهر مقالا پڙهندا۔ ڊي جي ٽقافت منظور ڪناسرو۔ رپورٽ موجب سنڌ جي عظيم تهذيبي اهڃاڻ موهن جو دڙو کي سم ڪلر ۽ زير زمين نڪرندڙ زهريلي نمڪيات توڙي ٻين خطرن کان بچائڻ لاء ثقافت کاتي طرفان ايندڙ مهيني جي 9 تاريخ کان 3 ڏينهن جي موهن جو دڙو بچايو عالمي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو آهي۔ عالمي ڪانفرنس ۾ 40 کان وڌيڪ ملڪن جي مختلف ماهرن کي ڪوٺ ڏني وئي آهي۔ عالمي ڪانفرنس کان اڳ موهن جو دڙو تي 20 ڪروڙن کان وڌيڪ لاڳت سان موهن جو دڙو ۽ اتي موجود مختلف عمارتن ۽ باغيچن کي نئين سر خوبصورت  ڪرڻ جو ڪم گذريل هڪ مهيني کان جاري آهي۔ جنهن ۾ موهن جي دڙي تي قائم ريسٽ هائوس شبستان جي اندران ٻاهران مرمت ڪري خوبصورت ڪرڻ ڪئنٽين جي مرمت 16 واش رومس ٺاهڻ۔ باغيچن جي پرڏيهي ملڪ ملئيشا مان مهارت رکند ڊزائنر کان نئين سر ڊزائن جوڙائي ان کي عالمي معيار مطاڀق خوبصورت ڪرڻ تهذيبي آثارن ۽ ميوزيم ڏانهن ويندڙ رستن کي پيور سرن جي مختلف رنگن سان خوبصورت ڪرڻ ميوزيم ۾ لڳل بورڊن تي آرڪيالاجي ماهر جان مارشل جي کوٽائي وقت نڪتل کوٽائي جي ڪم جون تصويرون ۽ ميوزيم جي  شوڪيسن آڏو سياحن کي نوادرات بابت بريف ڪرڻ جا نوٽس لڳائڻ شامل آهي۔ جڏنهن ته سياحن توڙي ماڳ تي ڪم ڪندڙ ملازمنن  لاء مٺي پاڻي جي واٽر سپلاء جو ڪم به آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي۔جنهن لاء مختلق  جڳهن تان پاڻي جا بور ڪري نمونا ورتا ويا جنهن جي چڪاس ڪرڻ بعد دادو ڪئنال مان نڪرندڙ خير واه وٽان ٿيل بور مان ورتل سيمپل جي چڪاس ۾ مٺو پاڻي ظاهر ٿيڻ تي پاڻي جي سپلاء خيرواه کان وڇائي ويندي۔ موهن جو دڙو تي ٺهندڙ ريسورس سينٽر ۽ دنيا سان موهن جو دڙو کي ويب سائيٽ سان جوڙڻ جو افتتاح صوبائي وزير ثقافت سردار شاه موهن جو دڙو تي ڪندو۔ هوڏانهن موهن جو دڙو  تي ترقياتي ۽ مرمتي ڪم  جي نگراني ڪندڙ آرڪٽيڪ انجنئر نويد احمد سانگاه ميڊيا کي ٻڌايو  ته موهن جو دڙو کي 9 فيبروري تي  ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس کان اڳ خوبصورت بڻايو ويندو۔ هن چيو ته ثقافت جي وزير جي هدايت آهي ته موهن جي دڙي کي عام سياحن توڙي دنياجي مختلف ملڪن  مان ايندڙ پرڏيهي  ماڻهن لاء پرڪشش ڪرڻ لاء ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي۔ هن چيو ته موهن جي دڙي کي خوبصورت ڪرڻ توڙي مختلف سهولتون پئدا ڪرڻ لاء هلندڙ سڀئي ڪم تيزي سان جاري آهن جن کي عالمي ڪانفرنس کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو

اي پيپر