دشمن پنهنجي آخري جنگ بلوچستان جي سرزمين کي استعمال ڪري وڙهڻ ٿو چاهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته دشمن پنهنجي آخري جنگ بلوچستان جي سرزمين کي استعمال ڪري وڙهڻ ٿا چاهين، ايف سي بلوچستان ۾ رياست جي رٽ جي بحاليءَ ۽ امن جي قيام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ان بابت ايف سيءَ جي هر آفيسر ۽ جوان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، گھرو وزير  آءِ جي ايف سي بلوچستان ميجر جنرل نديم احمد انجم سان ملاقات ڪئي، چوڌري نثار ميجر جنرل نديم احمد انجم کي آءِ جي ايف سي طور بلوچستان ۾ مقرريءَ تي واڌايون به ڏنيون، ملاقات ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ ايف سي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، گھرو وزير جو چوڻ هو ته پنهنجا فرض انجام ڏيڻ جي سلسلي ۾ ايف سي جون سڀ ضرورت پوريون ڪيون وينديون، گھرو وزير چيو ته بلوچستان کي پاڪستان مخالف طاقت کان پاڪ ڪرڻ سان گڏ بلوچستان جي عوام جي دل ۽ دماغ کٽڻ جي ذميواري به ايف سيءَ تي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *