اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف سان پاڪستان ۾ جاپان جي سفير تڪاشي ڪورائي ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي ڳالهه ٻول ڪئي وئي، ان دوران وزيراعظم جو چوڻ هو ته جاپان پاڪستان جو ويجھو دوست ۽ اعتماد جوڳو اقتصادي ڀائيوار آهي، آپريشن شرب عضب کان پوءِ پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، جاپانا پاڪستان جي لاءِ سفري ايڊوائزري بابت پنهنجي پاليسيءَ تي نظر ثاني ڪري، سفارتڪاري، سيڙپڪاري جي شعبن ۾ جاپان سان لاڳاپا وڌائڻ چاهيون ٿا، پاڪستان ۽ جاپان جي ٻه طرفن آزاداڻي واپار جي شعبي تي ڳالهه ٻول شروع ڪرڻ گھرجي، جاپان ٽيڪسٽائيل جي شعبي کي عارضي ٽيرف قدمن سان 3 کان چئن سالن جي لاءِ ڇوٽ ڏئي، وزيراعظم جاپاني ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ تي خوشيءَ جو اظهار به ڪيو، جاپاني سفير پاڪستاني معشيت جي شرح ۾ واڌ ۽ اقتصادي صورتحال کي ساراهيندي چيو ته جاپان ۾ پاڪستان بابت عام تاثر بدلجي رهيو آهي