نسلي، قبيلائي، مذهبي ڇڪتان ۽ ٻاهرين مداخلت تڪرارن جو سبب آهن : ڊاڪٽر مليحه لوڌي

نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي مليحا لوڌيءَ چيو آهي ته امن کان سواءِ ترقياتي هدف حاصل نه ٿا ڪري سگھجن، بهتر نظم ۽ ضبط، ناانصافي، احترام ۽ پائيدار ترقيءَ جو واڌارو اڻٽر آهي، پاڪستان پائيدار ترقيءَ جي لاءِ عالمي تقاضائن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، جنرل اسيمبليءَ ۾ پائيدار امن جي لاءِ تڪرارن جي حل جي موضوع تي ٿيل بحث دوران ڳالهائيندي ڊاڪٽر مليحه لوڌيءَ جو چوڻ هو ته پائيدار امن جي لاءِ پراڻن سياسي تڪرارن جو حل اڻٽر آهي، پائيدار ترقي هدفن جي لاءِ وسيلن جي برقت دستيابي هڪ منجھيل مسئلو آهي، ترقي، امن ۽ سلامتي سڌو سنئون انساني حقن سان لاڳاپيل آهي، ترقي امن جي کان سواءِ امن ترقيءَ کان سواءِ ممڪن ناهي، غربت، ماحولياتي آلودگي، سياسي ۽ اقتصادي ناانصافي تڪرار جون سبب آهن، گڏيل ويزن تحت پاڪستان امن ۽ خوشحال دنيا جي لاءِ پرعزم آهي، نسلي، قبيلائي، مذهبي ڇڪتان ۽ ٻاهرين مداخلت به تڪرارن جو سبب آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *