ملتان(م ڊ) وزير اعظم نواز شريف سينيئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته 1999ع ۾ جڏهن موٽر وي جو ڪري رهيا هئاسين ته ان وقت به جاويد هاشمي اسان گڏ بس ۾ موجود هو. ملتان ميٽرو بس سروس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وزير اعظم ملتان جي شهرين کي موٽر وي جي فراهمي تي مبارڪ ڏيون ٿا. تقريب ۾ مسلم ليگ نواز جو اڳوڻو اڳواڻ مخدوم جاويد هاشمي به موجود هو. اسان هتي عوام کي ميٽرو بس جو تحفو ڏيڻ جي لاءِ آيا آهيون، اڄ اسان هتي رڳو سياست ڪرڻ جي لاءِ ناهيون آيا ۽ نه ئي ڪنهن ڌرڻي جي لاءِ آيا آهيون. اسان هتي ترقي جو رستو روڪڻ جي لاءِ ناهيون آيا. هن چيو ته ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ تي شهباز شريف کي مبارڪ ڏيڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته مون کي چيو ويو ته ملتان ۾ ميٽرو جو ڪرايو وڌيڪ هئڻ گهرجي پر مون چيو ته راولپنڊي ۽ لاهور ۾ ويهه رپيا ورتا ويندا آهن ته ملتان ۾ به ويهه رپيا ئي وٺڻ گهرجن.