پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ ۾ وزير اعظم جي تلاشي ورتي پئي وڃي:عمران خان

قصور(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته شريف ڀائرن ۾ نه ڪا شرم آهي نه ئي ڪا حيا، پنهنجي اشتهار بازي جي لاءِ هن 12 ارب رپيا خرچ ڪري ڇڏيا، جيڪڏهن هنن کي معمولي چيڪ اپ به ڪرائڻو هوندو آهي ته لنڊن ويندا آهن ۽ اهو ئي نه پر سندن ٻار به پاڪستان ۾ چيڪ اپ ڪرائڻ کي پنهنجي توهين سمجهندا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان قصور جلسي کي خطاب دوران حڪوتم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته عام ماڻهو ڪوڙ ڳالهائڻ تي جيل ۾ ۽ وزير اعظم کي استثنيٰ ڇو حاصل آهي؟ سندس وڪيل به چيو ته وزير اعظم سياسي شخصيت آهي هن سياسي بيان ڏنو آهي، پر وزير اعظم پاڻ خيال هجڻ گهرجي ته پارليامينٽ ۾ بيهي ملڪ جي عوام سان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي پر آئون پاڪستان کي تبديل ٿيندي ڏسي رهيو آهيان، پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ ۾ وزير اعظم جي تلاشي ورتي پئي وڃي. عوام  منهنجو ساٿ ڏنو، روڊن تي نڪتي جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته اسان ڏنڊا  کائي وزير اعظم کي سپريم ڪورٽ وٺي آياسين پر هاڻ نواز شريف پاناما ڪيس مان بچي نٿو سگهي جڏهن ته ايندڙ هتي ۾ ڪيترائي انڪشاف ٿيندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *